اتر وزيرستان ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردن جا حملا، 10 جوان شهيد

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۽ تربت ڀرسان دهشتگردن جي حملن ۾ فوج جا 6 ۽ ايف سي جا 4 جوان شهيد ٿي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب پاڪ افغان سرحد تي اتر وزيرستان جي علائقي گرباز ويجهو سرحد پار کان پاڪ فوج جي بارڊر پيٽرولنگ پارٽي تي دهشتگردن فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جا 6 جوان شهيد ٿي ويا.

هوڏانهن ڪامبنگ آپريشن دوران ايف سي بلوچستان جي اهلڪارن تي دهشتگردن جي حملي ۾ آفيسر سميت چار جوان شهيد ٿي ويا.

ڊي جي آءِ ايس پي آر جو بيان:

اتر وزيرستان:

آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ حوالدار خالد، سپاهي نويد، سپاهي بچل، سپاهي علي رضا، سپاهي ايم بابر ۽ سپاهي احسن شهيد ٿي ويا.

ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان خطي جي امن لاءِ قربانيون ڏئي رهيو آهي، قبائلي علائقن جي سيڪيورٽي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي.

هن چيو ته ڪجهه دشمن عنصر بلوچستان کي غيرمستحڪم ڪرڻ چاهن ٿا، دشمنن جي بلوچستان کي غير مستحڪم ڪرڻ واري ڪوشش انشاءَ الله ناڪام ٿيندي.

تربت:

پاڪ فوج جي ترجمان ٻڌايو ته ايف سي اهلڪار بلوچستان ۾ هوشاب ۽ تربت جي وچ واري علائقي ۾ ڪامبنگ آپريشن ۾ مصروف هئا ته ان دوران دهشتگردن فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ آفيسر سميت 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙن ۾ ڪيپٽن عاقب جاويد، سپاهي نادر، سپاهي حفيظ الله ۽ سپاهي عاطف الطاف شامل آهن.

ميجر جنرل آصف غفور چيو ته اتر وزيرستان ۽ بلوچستان ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن جي شهادت خطي ۾ امن جي بحالي لاءِ پاڪستان جون قربانيون آهن.

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي ڪوششن سان قبائلي علائقن جي صورتحال بهتر ٿي، هاڻ ڌيان سرحدي صورتحال بهتر ڪرڻ تي آهي.

هن چيو ته ڪجهه دشمن عنصر بلوچستان کي غيرمستحڪم ڪرڻ چاهن ٿا، دشمنن جي بلوچستان کي غير مستحڪم ڪرڻ واري ڪوشش انشاءَ الله ناڪام ٿيندي.

ٻئي پاسي اتر وزيرستان ۾ به سرحد پار کان دهشتگردن سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪري پاڪ فوج جي 6 جوانن کي شهيد ڪري ڪيو.

آءِ ايس پي آر موجب پاڪ افغان سرحد تي اتر وزيرستان جي علائقي گرباز ويجهو سرحد پار کان پاڪ فوج جي بارڊر پيٽرولنگ پارٽي تي دهشتگردن فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جا 6 جوان شهيد ٿي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب شهيدن ۾ حوالدار خالد، سپاهي نويد، سپاهي بچل، سپاهي علي رضا، سپاهي ايم بابر ۽ سپاهي احسن شامل آهن.

وزير اعظم عمران خان:

وزير اعظم عمران خان سماجي رابطي واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر ۾ پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستاني فوج جي انهن جوانن کي منهنجو سلام آهي جيڪي قوم جي سلامتي جي لاءِ دهشتگردن سان مقابلي ۾ مسلسل پنهنجيون جانيون پيش ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته منهنجون دعائون ۽ همدرديون آفيسر سميت انهن 10 جوانن جي وارثن سان گڏ آهن جن اڄ اتر وزيرستان ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردن کي للڪار ۽ جام شهادت نوش ڪيو.

آرمي چيف:

پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته چيف آف آرمي اسٽاف شهيدن ۽ انهن جي وارثن کي سلام پيش ڪيو آهي.

آرمي چيف  جنرل قمر جاويد باجوه پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اسان مادر وطن جي دفاع ۽ سلامتي کي پيسڻ ۽ رت جي قيمت تي يقيني بڻائينداسين.

شهباز شريف:

پاڪستان مسلم ليگ ن جي صدر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي اتر وزيرستان ۾ سرحد پار کان پاڪ فوج جي بارڊر پيٽرولنگ پارٽي تي دهشتگردن جي فائرنگ جي سخت مذمت ڪئي آهي. شهباز شريف پاڪ فوج جي 6 ۽ ايف سي جي 4 جوانن جي شهادت تي ڏک، ڪاوڙ ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

شهباز شريف چيو ته هٿياربند فوج مادر وطن جي تحفظ ۽ دفاع جي لاءِ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن. افغانستان پنهنجي علائقي ۾ دهشتگردن کي پاڪستان جي خلاف ڪاروائين کان روڪي.

صادق سنجراڻي:

سينيٽ جي چيئرمين صادق سنجراڻي اتر وزيرستان جي علائقي ۾ سرحد پار کان فائرنگ جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جي آفيسر ۽ جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

صادق سنجراڻي چيو ته سرحد پار کان ان دهشتگرد حملي جي ڀرپور مذمت ڪيون ٿا. سرحد پار کان دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ افغان حڪومت موثر قدم کڻي.

هن چيو ته سرحدي علائقي ۾ دشمن جي ڪارروائي بزدلاڻو قدم آهي. شرپسند عنصر پاڪستان ۾ قيام امن جا دشمن آهن، دهشتگرد پنهنجي مڪروهه عزمن ۾ ڪڏهن ڪامياب نه ٿيندا، قوم دهشتگردن ۽ ملڪ دشمنن جي خلاف گڏ آهي.

شاهه محمود قريشي:

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اتر وزيرستان ۽ بلوچستان ۾ شهيد 10 جوانن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته ڪجهه عنصر امن جي ڪاوشن کي تار تار ڪرڻ جي پٺيان آهن اڄوڪو سانحو به انهي سلسلي جو حصو آهي.

هن چيو ته اسان جي فوج ۽ سيڪيورٽي ادارا دهشتگردن جي خلاف آهن، اسان جي فوج مسلسل جانين جو نذرانو پيش ڪري رهي آهي. دهشتگردن جي خلاف وڙهندي شهادت جو جام نوش ڪندڙ جوانن کي اڄ سڄي قوم ڀيٽا پيش ڪري رهي آهي.

محمود خان:

خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته سرحد پار کان دهشتگردن جو حملو ڳڻتي جوڳو آهي، دهشتگردن جي بزدلاڻن حملن جي سخت مذمت ڪيون ٿا، ملڪ دشمن عنصر پنهنجي مقصدن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا.

خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير چيو ته قوم جا حوصلا بلند آهن، دهشتگردن جو صفايو ٿي رهندو. ڪي پي جي وڏي وزير سيڪيورٽي فورسز جي شهيد جوانن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا به ڪئي آهي.

عثمان بوزدار:

پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار به اتر وزيرستان ۽ بلوچستان جي علائقي هوشاب ۽ تربت ۾ دهشتگردن جي حملن جي مذمت ڪئي آهي. سردار عثمان بوزدار شهيدن جي وارعٿن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سرحد پار کان ايندڙ دهشتگردن جو حملو افسوس جوڳو ۽ مذمت جوڳو آهي.

هن چيو ته هوشاب ۽ تربت ۾ دهشتگردن جي خلاف آپريشن ۾ شهيد ڪيپٽن سميت 4 جوان جون قربانيون رائيگان نه وينديون.

پ پ  نيئر بخاري:

پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان به پاڪ فوج جي جوانن تي حملي جي سخت مذمت ڪئي وئي آهي. پيپلز پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاي طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ فوج جي جوانن تي حملو انتهائي افسوس جوڳو واقعو آهي.  وطن جي لاءِ سر قربان ڪندڙ پاڪ فوج جي جوانن کي سلام پيش ڪيون ٿا.

نيئر بخاري چيو ته سڄي قوم کي وطن جي لاءِ سر قربان ڪندڙ جوانن تي فخر آهي. دهشتگردن جي اهڙن بزدلاڻن حملن سان حوصلا ڪمزور نه ٿيندا.

غلام سرور خان:

هوائي بازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان به بلوچستان ۽ اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جي پاڪ فوج تي ٿيل حملي جي مذمت ڪئي آهي. هن چيو ته اسان شهيدن جي وارثن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. پاڪ فوج وطن جي بچاءَ ۾ قربانيون ڏئي رهي آهي. دهشتگرد ملڪ ۽ قوم جا کليل دشمن اهن انهن جو خاتمو ضروري آهي.

فواد چوڌري:

سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري به ان واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته شهيدن جي لاءِ اسان جي دل روئندي آهي انهن جي وارثن کي سلام پيش ڪيون ٿا.

هن چيو ته اِها دشمن جي آخري حرڪت آهي، هنن کي منهن ڀر کائڻي پوندي، پاڪستان جون ڪاميابيون دشمنن کان هضم ناهن ٿي رهيون، اسان کي خبر آهي بي ايل اي کي ڪير سپورٽ ڪري رهيو آهي، پاڪستان اهڙين حالتن تي ضابطو  آڻيندو.

گهرو وزير اعجاز شاهه:

گهرو وزير اعجاز شاهه به دهشتگردي جي واقعي تي چيو ته اِهو افسوس جوڳو واقعو آهي، جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي، دشمن عنصرن نٿا چاهن ته پاڙيسري ملڪ ۾ امن ٿئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.