جوفرا آرچر تي سليڪٽرن جو اعتماد برقرار، آسٽريليا خلاف ايشز کيڏندو

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ آسٽريليا خلاف تاريخي ايشز سيريز لاءِ پنهنجي اسڪواڊ جو اعلان ڪندي ورلڊ ڪپ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ فاسٽ بالر جوفرا آرچر به اسڪواڊ ۾ شامل ڪري ورتو آهي.

انگلينڊ پهرين آگسٽ کان شروع ٿيندڙ ايشز سيريز لاءِ 14 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي اڳواڻي جو روٽ ڪندو، جڏهن ته ورلڊ ڪپ فائنل ۾ مين آف دي ميچ بين اسٽوڪس کي سندس نائب مقرر ڪيو ويو آهي.

جوفرا آرچر هن وقت تائين پنهنجو ٽيسٽ ڊيبيو ناهي ڪيو ۽ هو امڪاني طور تي 5 ميچن جي ايشز سيريز دوران اهو اعزاز حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو.

2016ع ۾ فرسٽ ڪلاس ڊيبيو کان پوءِ ڪيريبيئن ڄاول انگلش رانديگر آرچر هن وقت تائين 28 ميچن ۾ 131 وڪيٽون وٺي چڪو آهي، جنهن سندس اسڪواڊ ۾ شموليت جو رستو کوليو.

ورلڊ ڪپ دوران آرچر کي انجري جي شڪايت رهي پر رپورٽن موجب هو فٽنيس حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي ۽ تازو ئي ٽي 20 ميچ ۾ سري جي نمائندگي ڪندي هن بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪيو.

آئرلينڊ خلاف واحد ٽيست ميچ ۾ بين اسٽوڪس سان گڏوگڏ جوز بٽلر ۽ تجربيڪار فاسٽ بالر جيمز اينڊرسن کي آرام جو موقعو فراهم ڪيو ويو هو ۽ ايشز سيريز لاءِ ٽنهي رانديگرن جي اسڪواڊ ۾ واپسي ٿي آهي.

آئرلينڊ خلاف ميچ ۾ شرڪت ڪندڙ 11 مان 10 رانديگر اسڪواڊ جو حصو آهن، جيتوڻيڪ نائيٽ واچ مين جي حيثيت سان 92 رنسن جي اننگز کيڏي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ کٽيندڙ جيڪ ليچ حيران ڪندڙ طور تي اسڪواڊ ۾ جاءِ نه ٺاهي سگھيو پر ميچ ۾ رڳو 6 رنسون ٺاهيندڙ روري برنز سليڪٽرن جو اعتماد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو.

واضح رهي ته هن وقت ايشز جي ٽرافي آسٽريليا وٽ آهي پر انگلينڊ جي ٽيم پنهنجي هوم گرائونڊ تي روايتي مخالف سان 2001ع کان پوءِ ڪا به سيريز ناهي هارائي.

پنجن ميچن جي تاريخي سيريز لاءِ انگلش اسڪواڊ ۾ جو روٽ (ڪپتان)، جيسن راءِ، روري برنز، جوز بٽلر، بين اسٽوڪس، اولي اسٽون، معين علي، سيم ڪيوران، ڪرس ووڪس، جيمز اينڊرسن، جوفرا آرچر، اسٽيورٽ براڊ، جو ڊينلي ۽ جوني بيئراسٽو شامل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.