ڪئنيڊا پاڪستاني شاگردن لاءِ ويزا سولي ڪري ڇڏي

ٽورنٽو ( ويب ڊيسڪ ) ڪئنيڊا پاڪستاني شاگردن لاءِ اسٽڊي ويزا سولي ڪري ڇڏي ۽ پاڪستان کي اسٽڊي پرمٽ پروگرام ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جنهن سان پاڪستاني شاگرد گهٽ مدي ۾ اسٽڊي پرمٽ حاصل ڪري سگهندا. ڪئنيڊا ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي خواهشمند پاڪستاني شاگردن لاءِ خوشخبري اچي وئي آهي. ڪئنيڊا پاڪستاني شاگردن لاءِ اسٽڊي ويزا سولي ڪري ڇڏي آهي.  هاڻي پاڪستاني شاگرد گهٽ مدي ۾ اسٽڊي پرمٽ حاصل ڪري سگهندا، ڊائريڪٽ اسٽريم پروگرام تحت هاڻي اها اسٽڊي ويزا حاصل ڪري سگهبي. ڪئنيڊا جي اميگريشن واري وزير احمد حسين سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽويٽر تي بيان جاري ڪدني چيو ته اسٽڊي پرمٽ پروگرام شروعات ۾ چين، ڀارت، فلپائن ۽ ويٽنام سان تعلق رکندڙ شاگرد شامل هئا پر هاڻي لسٽ ۾ پاڪستاني شاگردن کي به شامل ڪيو ويو آهي.  احمد حسين چيو ته حڪومت طرفان اهڙو فيصلو پرڏيهي شاگردن طرفان وڏي تعداد ۾ ملندڙ درخواستن تي ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.