فلپائن ۾ زلزلي سبب 8 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

فلپائن ( ويب ڊيسڪ ) فلپائن جي اترين ٻيٺ ۾ زلزلي سبب 8 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.

فلپائني حڪومت موجب زلزلي جو پهريون لوڏو بٽانيز ٻيٽ تي محسوس ڪيو ويو جنهن جي شدت 5 ڏهائي 4 ريڪارڊ ڪئي وئي ۽ وري ڪجهه دير کانپوءِ 5 ڏهائي 9 جي شدت جا آفٽر شاڪس محسوس ڪيا ويا.

زلزلي سبب ڪيئي عمارتن ۾ ڏار ۽ روڊن تي کڏا پئجي ويا آهن، بجلي ۽ مواصلات جو نظام به سخت متاثر ٿيو آهي.

فلپائن ڊيزاسٽر مئنجمنٽ اٿارٽي زلزلي ۾ 8 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته مختلف حادثن ۾ اٽڪل 60 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن جن کي طبي امداد لاءِ اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.

ڊيزاسٽر مئنجمنٽ اٿارٽي موجب زلزلي سبب متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون شروع ڪيون ويون آهن.
You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.