ڪابينا جي 4 ڪلاڪن واري اجلاس ۾ 3 ڪلاڪ نواز شريف جي ڳالهه ٿيندي آهي: دعويٰ

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ احسن اقبال دعويٰ ڪئي آهي ته وفاقي ڪابينا جي 4 ڪلاڪن واري اجلاس ۾ 3 ڪلاڪ نواز شريف جي ڳالهه ٿيندي آهي.

لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته اها حڪومت عوام جي حقيقي نمائندگي ڪندڙ حڪومت ناهي، هن حڪومت وٽ ڪو به هوم ورڪ نه هو، نه ئي ڪا منصوبابندي.

هن چيو ته 10 مهينن ۾ حڪومت جي ٽيم غائب ٿي وئي ۽ آءِ ايم ايف مان ٽيم اچي وئي، اهڙو ناڻي وارو وزير اچي ويو جنهن سان شايد عمران خان اڳ مليو به نه هوندو، اهڙ اسٽيٽ بينڪ جو اهڙو گورنر آيو جيڪو آءِ ايم ايف ۾ ملازمت ڪندو هو.

سندس چوڻ هو ته سڀني ڪليدي وزارتن تان پي ٽي آءِ جي ماڻهن کي هٽائي ٻيا ماڻهو اچي ويا، ان جو نتيجو اهو آهي ته سمورو پاڪستان سراپا احتجاج آهي.

مسلم ليگ ن جي اڳواڻ چيو ته پاڪستان ۾ سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 50 سيڪڙو گھٽتائي ٿي وئي آهي، ملڪ ۾ ايڪسپورٽ هدف کان 5 ارب ڊالر گھٽجي وئي، ڪارخنن ۽ مختلف صنعتن ۾ بحران آهي ۽ تقريبن 10 لک ماڻهو پي ٽي آءِ حڪومت جي پهرين سال ۾ بيروزگار ٿي ويا.

سندس چوڻ هو ته 4 لک کان وڌيڪ ماڻهون غربت جي طبقي کان به هيٺ اچي چڪا آهن، جيڪڏهن ڪو عوام جو وزيراعظم هجي ته ان کي رات جو ننڊ نه اچي اهو سوچي ته آئون مهانگائي، بيروزگاري ڪيئن گھٽايائن، پرڏيهي سيڙپڪاري پاڪستان کان ڀڄي رهي آهي ماڻهو ڇو رڙيو ڪري رهيا آهن، دڪاندار هٿ تي هٿ رکي ڇو ويٺل آهن، بجلي ۽ گيس جا اگھه ڪيئن هيٺ آڻجن.

احسن اقبال الزام لڳايو ته سليڪٽڊ وزيراعظم جو اهو مسئلو ناهي ان جو ڪم آهي جيڪو به ٿئي ٿو ته ، نواز شريف جو اي سي بند ڪري ڇڏيو، فرج بند ڪري ڇڏيو، نواز شريف جو کاڌو بند ڪري ڇڏيو.

هن چيو ته ڪابينا جي 4 ڪلاڪن جي اجلاس ۾ 3 ڪلاڪ رڳو نواز شريف بابت ڳالهه ٻولهه ٿيندي آهي، اهو وزيراعظم جنهن کي نواز شريف فوبيا آهي اهو پاڪستان جي معيشت کي اهڙي کوهه ۾ ڦٽو ڪري رهيو جتان ان کي کڻڻ ڏکيو ٿي ويندو.

سندس چوڻ هو ته هن حڪومت جي سنجيدگي ڏسو جو پنجاب ۾ 10 مهينن دوران 9 هائر ايجوڪيشن سيڪريٽري  تبديل ڪيا ويا.

ن ليگ اڳواڻ چيو ته ووٽ وٺڻ لاءِ ڏکڻ پنجاب جي ماڻهن کي گمراهه ڪيو ويو ۽ هاڻ جڏهن اپوزيشن بهاولپور ۽ ڏکڻ پنجاب کي صوبو ٺاهڻ جو بل جمع ڪرايو ته ڪا به  اڳڀرائي نه ٿي.

احسن اقبال مطالبو ڪيو ته 29 جولاءِ کان شروع ٿيندڙ اجلاس ۾ ڏکڻ پنجاب ۽ بهاولپور صوبي جو بل پيش ڪيو وڃي اپوزيشن غير مشروط طور تي حڪومت جي حمايت ڪندي.

مسلم ليگ ن اڳواڻ جو چوڻ هو ته نواز شريف جي صحت تي سياست ڪئي پئي وڃي هن جي زندگي سان کيڏي رهيا آهن.

هن چيو ته نواز شريف جي صحت بابت پيچيدگي ٿي ته عمران خان ۽ عثمان بوزدار جي ذميواري هوندي ۽ هنن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويندا، سياست نه ڪيو ۽ ڊاڪٽرن جي راءِ تي عمل ڪيو.

سندس چوڻ هو ته رانا ثناءُالله خلاف انتقامي سياسي ڪارروائين جي مذمت ڪيون ٿا، شاهد خاقان عباسي کي جنهن ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو اهو هن لاءِ اعزاز آهي ته هن عوام کي گيس جي لوڊشيڊنگ کان بچايو، اهڙي ريت ريلوي کي ٺيڪ ڪرڻ سعد رفيق جو ڏوهه آهي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اسان سڀني کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، اسان جي اڳواڻ خلاف نوان ڪيس کوليا پيا وڃن، حاصل بزنجو کي سينيٽ چيئرمين لاءِ اميدوارن نامزد ڪيو ويو ته هن خلاف نيب جو ڪيس سامهون اچي ويو.

قومي احتساب بيو آهي يا نيازي احتساب بيورو، جنهن کي عمران خان چوي ٿو ته ان جي پٺيان پئجي وڃي ٿو، مونکي پيغام ملڻ شروع ٿي ويندا آهن ته اوهان کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي شاهد خاقان عباسي کان پوءِ اوهان وڌيڪ تيز هلندو نيب کڻي ويندئي، کڻي نيب اسان ڪو به ڏوهه ناهي ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.