[zoomsounds_player artistname=”رپورٽ:ڪوٽڏيجي: ڪيو اي ٽي پاران معصوم زارا جي قاتل کي عبرتناڪ سزا ڏيارڻ لاءِ احتجاج” songname=”عوامي آواز رپورٽ” type=”detect” source=”http://videos.awamiawaz.com/audio/reports/2019267KotdejiPkg.mp3″ config=”default” autoplay=”off” loop=”off” open_in_ultibox=”off” enable_likes=”off” enable_views=”off” play_in_footer_player=”off” enable_download_button=”off” download_custom_link_enable=”off”]
*ڪوٽڏيجي ويجهو قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي معصوم نياڻين کي ڏاڍائي جو نشانو بڻائڻ ۽ قتل ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو .
سنڌ ۾ معصوم نياڻين سان ڏاڍائي ۽ بي دردي سان قتل ڪرڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ ضلع خيرپور جي اڳواڻ ڪامريڊ حيدر چانڊيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو .
ڪامريڊ حيدر چانڊيو چيو سنڌ ۾ معصوم نياڻين سان اجتمائي ڏاڍائي ڪرڻ بعد قتل ڪرڻ جا واقعا معمول بڻجي ويا آهن . معصوم نياڻين سان ٿيندڙ ظلم تي هر سنڌ دوست ۽ انسان دوست ماڻهو پريشان آهي .
هن چيو ته زارا منگي جي قتل سنڌ کي لوڏي ڇڏيو آهي زارا منگي جي قاتل کي گرفتار ته ڪيو ويو آهي کيس عبرتناڪ سزا ڏني وڃي .
هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ٻي صورت ۾ احتاج جو دائرو وڌايو ويندو ……………………