رپورٽ: سڳيون: پي پي ايڇ آءِ جي غلط رپورٽ تي حمل ضايع، متاثر انصاف جي اوسيئڙي ۾

رپورٽ: سڳيون: پي پي ايڇ آءِ جي غلط رپورٽ تي حمل ضايع، متاثر انصاف جي اوسيئڙي ۾
رپورٽ: سڳيون: پي پي ايڇ آءِ جي غلط رپورٽ تي حمل ضايع، متاثر انصاف جي اوسيئڙي ۾

سڳين ۾ پي پي ايڇ آءِ جي غلط رپورٽ معصوم ٻار کي دنيا ۾ اک کولڻ کان اڳ ئي حياتي کسي ورتي.

پي پي ايڇ آءِ جي متاثر عورت گلزار کاتون ميڊيا کي ٻڌايو ته هوءَ حمل دوران چڪاس لاءِ بيسڪ هيلٿ يونٽ وئي جتي ڊاڪٽر شمشاد چنو ايڇ آءِ وي ٽيس ڪرائڻ جو چيو.

هن چيو ته پي پي ايڇ آءِ مان ٽيسٽ ڪرائي، جتي ليب ٽيڪنيشن گلشن ناريجي رپورٽ ڏني ته کين خطرناڪ بيماري آهي، جنهن تي ڊاڪٽرياڻي حمل ضايع ڪرائي ڇڏيو.

متاثر عورت جي مڙس احمد علي شيخ چيو ته هنن سڄي خاندان جي آغا خان ليبارٽري مان هزارين رپيا خرچ ڪري ٽيسٽ ڪرائي پر کين ايڇ آءِ وي سميت ڪا بيماري ظاهر نه ٿي.

متاثر خاندان چيو ته غلط رپورٽ ڪري سندن معصوم ٻار دنيا ۾ اچڻ کان ائي واپس هليو ويو، جڏهن ته سندن مائٽ کين نفرت ڪرڻ لڳا آهن.

احمد علي شيخ مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽرياڻي شمشاد چنو ۽ ليب ٽيڪنيشن گلشن ناريجو خلاف ڪارروائي ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي……..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.