انشاءَ الله 2022ع ۾ پهريون پاڪستاني خلا ۾ ويندو: فواد چوڌري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪستاني خلا باز لاءِ سليڪشن ايندڙ سال هوندي، 2022ع ۾ انشاءَ الله پهريون پاڪستاني خلا ۾ ويندو، اهو پاڪستان جي اسپيس پروگرام لاءِ تاريخي قدم هوندو. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽويٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته تمام گهڻي خوش آهي پهرين پاڪستاني خلا باز لاءِ سليڪشن ايندڙ سال هوندي، پهرين مرحلي ۾ 50 خلا باز شارٽ لسٽ ڪيا ويا آهن ۽ 50 مان 25 فائنل مرحلي ۾ ويندا.  هن چيو ته 2022ع ۾ انشاءَ الله پهريون پاڪستاني خلا ۾ ويندو ۽ اهو قدم پاڪستان جي اسپيس پروگرام لاءِ تاريخي هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.