وزيراعظم ميڊيا کي پنهنجو ڀائيوار سمجهي ٿو: فردوس عاشق

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم جي سڌ سماءُ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعطم عمران خان ميڊيا کي پنهنجو ڀائيوار سمجهي ٿو، جلد هڪ ڊيجيٽلائزيشن پاليسي متعارف ڪرائينداسين.

گورنر سنڌ عمران اسماعيل سان وزيراعظم جي سڌ سماءُ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ سنڌ جي گڏيل صورتحال ۽ وفاق تحت جاري ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

SAPM on Information, Governor Sindh discuss development projects

ملاقات کانپوءِ خاص مددگار نيوز ڪانفرنس ڪندي چيو ته قوم گڏ ٿي وڃي ته هر محاذ تي دشمن کي شڪست ڏيڻ جي صلاحيت رکون ٿا، خوشي ٿي رهي آهي ته پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئشن ( پي بي اي ) پاڪستان جو هاڪاري تاثر اجاگر ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

فردس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته ميڊيا مالڪن ۾ حب الوطني جو جذبو موجود آهي، ”پهريان پاڪستان“ وارو نعرو ميڊيا هائوسز جي مالڪن ۾ موجود آهي. ميڊيا ۾ ويٺل سپاهي پاڪستان جي يڪجهتي لاءِ رياست سان گڏ بيٺا آهن. رياست جو بيانيو عوام تائين پهچائڻ ۾ ڀائيوار جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته ورڪرن جو وجود ميڊيا ۾ ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رکي ٿو، پي بي اي وٽ ميڊيا پاليسي جون تجويزون اچي ويون آهن، اميد آهي صلاح مشوري کانپوءِ ميڊيا ورڪرن کي سهولتون ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين. پي بي اي پيمرا جي حوالي سان شڪايتون مونسان ڪيون، اسان سمجهون ٿا ته ڪنهن سان ناانصافي نه ٿيڻ گهرجي.

فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ آهي ته هڪجهڙو قانون لاڳو ٿيندو نظر اچڻ گهرجي، سوشل ميڊيا پيمرا جي اختيارن واري دائري ۾ نٿو اچي. سماجي ۽ اخلاقي قدرن جي تحفظ لاءِ ادارن کان راءِ وٺي رهيا آهيون، ڊيجيٽلازيشن چئنلن جي گنجائش واري مسئلي جو حل آهي،  جلد هڪ ڊيجٽيلائزيشن پاليسي متعارف ڪرائينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.