ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شهري علي حسن جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران سندس امڙ عدالت ۾ پيش ٿي.
عدالت ٻڌڻي دوران ايڊيشنل آءِ جي ، ڊي آءِ جي ، سي آءِ اي، ڊي آءِ جي اوڀر اميت لاڳاپيل آفيسرن کي ذاتي طور تي طلب ڪيو آهي.
عدالت پوليس آفيسرن کي جوابدار جلد گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 6 اگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ٻڌڻي دوران علي حسن جي امڙ عدالت کي ٻڌايو ته سندس پٽ کي گٽڪو ٺاهيندڙن قتل ڪيو آهي.
هن چيو ته گٽڪوپ ٺاهيندڙن کي پوليس جي اعليٰ آفيسرن جي سرپرستي حاصل آهي.
درخواست گذار ٻڌايو ته علي حسن کي 27 مارچ 2019 تي گٽڪو ٺاهيندڙن اغوا ڪيو، 30 مارچ 2019 تي سندس لاش شارع فيصل ٿاني جي حد مان هٿ آيو.
درخواست گذار چيو ته لاش جو پوسٽ مارٽم پوليس هڪ ڏينهن کانپوءِ ڪرايو، پوليس پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ پئسا به اسان کان ورتا.