افغانستان بابت بيان، ٽرمپ کان وضاحت طلب…

 

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغان حڪومت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي 10 ڏينهن ۾ افغان جنگ کٽڻ واري تازي بيان جي وضاحت طلب ڪري ورتي آهي.

آمريڪي صدر پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته اسان 10 ڏينهن ۾ افغان جنگ کٽي سگهون ٿا پر هو 10 ملين ماڻهن جو مارجڻ نٿا چاهين.

ڊونلڊ ٽرمپ اهو به چيو هو ته آمريڪا افغانستان ۾ جنگ وڙهڻ بدران پوليس جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

ڪابل ۾ صدارتي محل جي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته افغان عوام نه ڪڏهن اهو چاهيو آهي ۽ اهي ڪڏهن ان ڳالهه جي اجازت ڏيندا ته ڪا پرڏيهي طاقت انهن جي قسمت جو فيصلو ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.