جنسي هراساني وارن الزامن بعد موسيقار انو ملڪ جي هڪ ڀيرو وري اسڪرين تي واپسي

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي موسيقار ۽ راڳي انو ملڪ جنسي هراساني وارن الزامن کانپوءِ هڪ ڀيرو وري ٽي وي شو ۾ واپسي ڪري ورتي.

 

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب انو ملڪ جنسي هراساني جي الزمن باوجود هڪ ڀيرو وري” سپر اسٽار سنگر “ شو ذريعي ننڍي پردي تي واپسي ڪري رهيو آهي، سپر اسٽار سنگر به ريئليٽي شو آهي جنهن ۾ انو ملڪ جج جا فرض انجام ڏيندو.

 

 

ياد رهي ته گذريل سال آڪٽوبر ۾ عورتن کي جنسي هراسان ۽ زيادتي جو نشانو بڻائڻ خلاف هلندڙ مي ٽي مهم تحت ڳائڻي شوئيت پنڊت ۽ سونا موهپاترا راڳي ۽ موسيقار انو ملڪ تي جنسي هراساني جو الزام مڙهيا هئا جنهن کانپوءِ انو ملڪ کي مشهور ڀارتي رئيليٽي شو ” انڊين آئيڊل“ جي جج تان هٽايو ويو هو.

 

پروڊيوسر ڊينيڪا ڊسوزا انڪشاف ڪيو آهي ته 2010ع ۾ هن انو ملڪ سان هڪ سال تائين رئيليٽي شو انڊين آئيڊيل ۾ ڪم ڪيو هو، ان دوران انو ملڪ جو رويو غيراخلاقي رهيو، سندس اهڙي رويو بابت سينيئرن کي به خبر هئي،  پرهو اڻڄاڻ ۽ خاموش رهيا.

 

هن ٻڌايو ته هڪ واقعو ڪلڪتا ۾ پيش آيو جڏهن هڪ عورت ٽيم ميمبر کي ڪيمرا مين ۽ انو ملڪ سان سفر ڪرڻو هو، جڏهن اها ڇوڪري آئي ته هوءَ حيسيل نظر اچي رهي هئي، جنهن کانپوءِ ڇوڪري ٻڌايو ته انو ملڪ گاڏي ۾ کيس هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

 

 

مي ٽو مهم دوران بالي ووڊ فلم نگري ۾ اهڙا ڪيئي ڪيس سامهون آيا هئا جن ۾ وڪاس ڀل، رجت ڪپور، ساجد خان، نانا پاٽيڪر ۽ آلوڪ ناٿ تي جنسي طور هراسان ڪرڻ جا الزام لڳا هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.