بنا اجازت ريلي تي مريم نواز خلاف ڪيس داخل

فيصل آباد ( ويب ڊيسڪ ) فيصل آباد انتظاميه بنا اجازت ريلي ڪڍڻ ۽ جلسا ڪرڻ تي مريم نواز ۽ مسلم ليگ ن جي ڪيترن ئي اڳواڻن خلاف ڪيس داخل ڪيا آهن.  فيصل آباد جي نشاط آباد ٿاڻي، سرگوڌا روڊ، سمن آباد ۽ فيڪٽريا ۾ مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز، راڻا ثناءَ الله جي گهر واري ۽ ناٺي خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي. ڪيسن ۾ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير، مصدق ملڪ، جاويد لطيف، طلال چوڌري، اسيمبلي ميمبر علي عباس، فقير حسين ڊوگر، حامد رشيد، راءِ حيدر علي ۽ جعفر علي هوچا سميت ٻين کي به جوابدار نامزد ڪيو آهي. مسلم ليگ ن اڳواڻن ۽ اسيمبلي ميمبرن تي داخل ڪيل ڪيسن ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ، غير قانوني جلسن، امن کي نقص ۽ سائونڊ سسٽم ايڪٽ جي ڀڃڪڙي جون ڪيتريون ئي شقون شامل ڪيون ويون آهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.