ڊگهڙي جي اسپتال ۾ سلينڊر ڌماڪي سان ڦاٽي پيو

ڊگهڙي ( ويب ڊيسڪ ) ڊگهڙي جي اسپتال ۾ اوٽي ٽيڪنينشن آڪسيجن جي وڏي سلينڊر مان گيئس ڀري رهيو هو ته سلينڊر ڌماڪي سان ڦاٽي پيو. جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا.

گئس سلينڊر ڦاٽن سبب اوٽي ٽيڪنيشن يونس آرائين ۽ سرڪاري ڌوٻي عبدالجبار سخت زخمي ٿي پيا

زخمين کي فوري طور تي تعلقه اسپتال ڊگهڙي آپريشن ٿيٽر ۾ پهچايو ويو آهي جتي کين طبي امداد فراهم ڪئي وئي .

،واضع رهي ڪجھ دير بعد ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص جي تعلقه اسپتال ڊگهڙي ۾ درپيش مسئلن بابت هڪ کلي ڪچهري پڻ ڪرڻي آهي جنهن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.