موديءَ ڪڏهن به آمريڪي صدر کي ڪشمير مسئلي تي ٽياڪڙي تي درخواست ناهي ڪئي: ڀارتي پرڏيهي وزارت

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت جو چوڻ آهي ته وزيراعظم نريندر مودي ڪڏهن به آمريڪي صدر کي ڪشمير مسئلي تي ٽياڪڙي جي درخواست ناهي ڪئي.

 

ڀارتي پرڏيهي وزير جي ترجمان رويش ڪمار طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پريس سان ڪيل ڳالهه ٻولهه ٻڌي آهي، جنهن هن چيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان ۽ ڀارت چاهن ته هو ڪشمير مسئلي تي ٽياڪڙي لاءِ تيار آهي پر اهڙي ڪا به درخواست ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي طرفان آمريڪي صدر کي ناهي ڪئي وئي.

 

ڀارتي پرڏيهي وزارت جي بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪشمير مسئلي تي ڀارت جو مستقل موقف رهيو آهي پاڪستان سان سمورا حل طلب معاملا ٻئي ملڪ  گڏيل طور طئي ڪندا، ڪنهن به قسم جي ڳالهه ٻولهه پاڪستان طرفان سرحد پار دهشتگردي جي خاتمي سان مشروط آهي.

 

ڀارتي پرڏيهي وزارت وڌيڪ چيو ته شملا معاهدو ۽ لاهور پڌرائي موجب پاڪستان ۽ ڀارت سمورا مسئلا گڏيل طور ئي حل ڪندا.

 

ٻئي پاسي ڀارت جي اڳوڻي وزير ششي ٿرور چيو آهي ته ٽرمپ کي اها بلڪل به خبر ناهي ته هو ڇا چئي رهيو آهي، ساڻس ملاقات وقت مودي جيڪو ڪجهه به چيو هو يا ته اهو ٽرمپ سمجهو ئي ناهي يا ٽرمپ کي بريفنگ ناهي ڏني وئي.

 

ششي ٿرور چيو ته ٽرمپ کي خبر ناهي ته ڪشمير تي ڪنهن ٽئين ملڪ طرفان ٽياڪڙي بابت ڀارت جو ڪهڙو موقف آهي.

 

ياد رهي ته وزيراعظم طور پنهنجي پهرين آمريڪي دوري ۾ وزيراعظم عمران خان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان وائٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٽرمپ ڪشمير مسئلي تي ٽياڪڙي جي آڇ ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.