رپورٽ: ڪراچي: فردوس عاشق اعواڻ پاران خانگي ميڊيا اڪيڊمي لاءِ ڀرپور سهڪار جو اعلان

رپورٽ: ڪراچي: فردوس عاشق اعواڻ پاران خانگي ميڊيا اڪيڊمي لاءِ ڀرپور سهڪار جو اعلان
عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: ڪراچي: فردوس عاشق اعواڻ پاران خانگي ميڊيا اڪيڊمي لاءِ ڀرپور سهڪار جو اعلان عوامي آواز رپورٽ

سڌ سماءَ بابت وزيراعظم خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ سرڪاري ميڊيا اڪيڊمي جي غير فعال ڪرادر جو اعتراف ڪندي خانگي ميڊيا اڪيڊمي لاءِ ڀرپور سهڪار جو اعلان ڪيو آهي.

ڪراچي ۾ سي پي اين اي جي هيڊ آفيس ۾ فردوس عاشاق اعواڻ ايڊيٽرن سان گڏجاڻي ڪئي.

سي پي اين اي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر جبار خٽڪ سي پي اين اي جا 11 مطالبا پيش ڪندي چيو ته جبري ماحول ۾ جمهوري ڪلچر ۽ اقتصادي حالتون بهتر نه ٿينديون آهن، ميڊيا بابت جهنگ جي قانون کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هن چيو ته ميڊيا دهشتگردي جو شڪار رهي آهي، صحافين کي ڄاڻ تائين پهچ ۽ تحفظ لاءِ قدم کنيا وڃناخبارن جي اشتهارن جو ريٽ وڌايو وڃي.

ڊاڪٽر جبار خٽڪ چيو ته 85 سيڪڙو رهتون اخباري مالڪن کي سڌي ريت ڪرڻ تي عمل ڪيو وڃي ۽ نيوز ايجنسين جا فنڊ به بحال ڪيا وڃن.

هن چيو ته سي پي اين اي ميمبرن کي هيلٿ ڪارڊ، پي آءِ اي ۽ ريلوي ڪارڊ ڏيڻ سان گڏ ويج بورڊ اخبارن جي سرڪيوليشن بدران آمدني سان جوڙيو وڃي.

ان موقعي تي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته سي پي اين اي پاران پيش ڪيل سمورا مطالبا اهم آهن، جن کي شفاف طريقيڪار سان حل ڪيو ويندو.

هن چيو ته ميڊيا کي ذميوار ۽ تربيت يافته ماڻهو گهرجن، هتي ادارا ڪمزور هجڻ ڪري وڌيڪ مسئلا آهن.

فردوس اعواڻ چيو ته اخباري صنعت ۾ جدت آڻڻ ضروري آهي،  جنهن جا ڪجهه مسئلا اهميت وارا آهن.

سندس چوڻ هو ته صحافين جون تنظيمون ۽ يونينون اخبارن ۽ صحافين جي حقن جو تحفظ نه ٿيون ڪري سگهن ته انهن جي ڪهڙي ضرورت آهي.

فردوس اعواڻ چيو ته ڪراچي پاڪستان جو اڪانامي حب آهي، صنعتڪار ۽ ايڪسپورٽر طئه ڪري ته ڦڙو ڦڙو گڏ ڪرڻو آهي ته پوءِ يقينن قرض نه وٺڻو پوندو……………

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.