ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا

امتياز چانڊيو

جڏهن به ڪنهن جو زوريءَ گهر ڊهڻ ۽ روزگار کسجڻ جا واقعا پيش ايندا آهن، انهن جا عام ماڻهن جي زبانن تي قصا هوندا آهن، اخبارن ۽ ٽيليويزنن ۾ اهڙيون خبرون هلڻ شروع ٿينديون آهن ته مون سدائين وڏڙن واتان اها دعا ڪندي ٻڌي آهي ته “خدا ڪنهن کي بي گهر ۽ بيروزگار نه ڪري” ڇو ته جڏهن گهر ڊهي وڃي ماڻهو جي مٿان ڇت هلي وڃي ۽ روزگار ۽ ٻچن جو گرهه کسجڻ جو خطرو وڌي وڃي ته ماڻهو پنهنجا حواس وڃائي ويهندو آهي ۽ ماڻهن جي زبانن تي اها ئي دعا هوندي آهي ته رب خير ڪري ڪنهن کان گهر ۽ روزگار نه کسجي، هڪڙو گهر ۽ ٻيو روزگار اها شئي آهن، جن تي انسان جي زندگي جو دارومدار هوندو آهي، بي گهر ۽ بيروزگار انسان کي اسان جي معاشري ۾ ڪم جو انسان ئي ناهي سمجهيو ويندو.

 

ڪجهه ڏينهن اڳ مون حيدرآباد جي ريلوي اسٽيشن کان جي او آر ڪالوني تائين بيروزگار ۽ بي گهر ٿيندي مظلوم ۽ مسڪين ماڻهن کي ڏٺو، ريلوي انتظاميا پوليس جي مدد سان پئي ڪهري ڪارروائي ڪئي، مڪراني پاڙي کان وٺي جي او آر ڪالوني تائين سون جي تعداد ۾ دڪان ۽ گهر پئي ڊٿا، مشينن پئي گهر ڊاهيا، لاچار بڻيل انهن ماڻهن جا جن لکين روپيا لڳائي دڪان ٺاهي پئي روزگار ڪري ٻچن جو پيٽ گذر ڪيو ۽ وڏي پيسي جي خرچ بعد ماڻهن پنهنجن ٻچن کي ڇت ٺاهي ڏني هئي، ان وقت انهن ماڻهن جي ڪيفيت مون بيهي محسوس ڪئي، زور جي آڏو لاچار ۽ بيوس بڻيل ماڻهن پنهنجن گهرن ۽ دڪانن مان ڀڳل ٽٽل سامان پئي ٻاهر ڪڍيو ۽ ڪن کي ته سامان ٻاهر ڪڍڻ جو به موقعو نه مليو، لکين روپين جون جايون ۽ لکين روپين جو سندن اهو سامان جيڪو هنن محنت ۽ مزدوري ڪري ورتو هو، مٽي جي ڍير ۾ پئي تبديل ٿيو، ائين لڳي رهيو هو ڄڻ اسرائيل، فلسطين مٿان بمباري ڪري آبادين کي مٽيءَ جو ڍير بڻايو هجي.

سوين دڪاندارن ۽ رهواسين ٻارن ٻچن سميت اهڙي ظلم خلاف جي او آر ڪالوني لڳ ريلوي ٽريڪ تي ڌرڻو هنيو، سامهون ايندڙ هڪ ٽرين کي احتجاجن روڪيو ويو، پر انڌي، گونگي ۽ ٻوڙي بڻيل انتظاميا کي هنن متاثرن جي حال تي ڪو به رحم نه آيو، انتظاميا ڪارروائي روڪڻ بجاءِ پوليس جا وڏا اٽالا گهرائي متاثرن مٿان لٺيون وسايون، سندن داد فرياد ڪرڻ بجاءِ کين زوريءَ ٽريڪ تان ڀڄايو ويو ۽ متاثر ماڻهن مٽي جو ڍير بڻجي ويل پنهنجن گهرن ۽ دڪان کي حسرت جي نگاهه مان پئي ڏٺو.

هڪ طرف اسان جي حڪمرانن مهانگائي چوٽ چاڙهي ڇڏي آهي، روزگار جا موقعا بلڪل ختم ٿي ويا آهن، کاڌي پيتي جي شين کان وٺي عام واهپي جون شيون ايتريون ته مهانگيون ٿي ويون آهن، جو هاڻي ماڻهو سکي زندگي گذارڻ ته پري جي ڳالهه پر ٻه ويلا ماني ڳڀو کائڻ لاءِ به سخت پريشان ٿي ويا آهن، پنهنجن ماڻهن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ وقت جي حڪمرانن جو فرض هوندو آهي، پر هتي بنيادي سهولتن کي ته ڇڏيو، پر ماڻهن جيڪي سڄي زندگي محنت ڪري گهر ٺاهيا آهن، انهن کي ڪنهن نه ڪنهن بهاني ڊاهي پٽ ڪري ماڻهن کي بي گهر ڪيو پيو وڃي، اهڙي صورتحال ۾ مسڪين ماڻهو ڪيڏانهن وڃن.

 

چوندا آهن ته ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا هوندا آهن، زور آڏو زاري وارو مهاورو به مشهور آهي، ڪيترن ئي ڏينهن تائين اهي متاثر ماڻهو جيڪي پنهنجن عورتن کي گهرن کان ٻاهر ناهن ڪڍندا، سندن ٻچا روڊن تي رلندا رهيا، مون کي هنن ڏاڍن جي ڪيل ڪهري ڪارروائي تي افسوس پئي ٿيو ته متاثرن ڄاڻايل هنڌ تي 2 احتجاجي ڪيمپون قائم ڪيون، جتي مرد، ٻار ۽ برقا پهريل عورتون ويٺيون رهيون، جيڪي انصاف لاءِ پئي ٻاڪارينديون رهيون، پر جيئن مون لکيو ته زور آڏو زاري، احتجاج ڪري، ڪري نيٺ انهن به انصاف مان آسرو لاهي وڃي پنهنجن ٻچن لاءِ ڇت ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ روزگار جي تلاش ۾ هليا ويا، سندن ڪنهن به نه ٻڌي.

مون کي احسان ڀٽو آفيس ۾ ويٺي پئي ٻڌايو ته بلديا ڪالوني واري علائقي ۾ به حددخليون ڄاڻائي گهر ڊاهيا ويا، ماڻهن پنهنجي سڄي زندگي جي ڪمايل رقم گهرن کي ٺاهڻ ۾ لڳائي ڇڏي هئي، جڏهن بلڊوزر اچي گهرن تي بيٺو ته ماڻهن جا هيانءَ ڇڏي پيا. هڪ رهواسي محمد اعجاز تازو ئي ايريگيشن کاتي مان رٽائرڊ ٿي آيو، کيس پينشن جا پيسا مليا، اهي سمورا پيسا هن پنهنجي گهر ٺهرائڻ تي لڳائي ڇڏيا، اڃا سندس ٿڪ ئي نه لٿو ته هڪ مهيني بعد سندس گهر کي غير قانوني اڏاوت ڄاڻائي جڏهن ڊاهڻ لاءِ بلڊوزر پهتو ته کيس دل جو دورو پئجي ويو، گهر ڊهي ويو ۽ اڄ اعجاز احمد ڇولا ۽ پاپڙيون وڪرو ڪري مسواڙ واري گهر ۾ زندگي گذاري رهيو آهي.

افسوس ته ان ڳالهه تي آهي ته روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان جو نعرو هڻندڙ پ پ جي حڪومت ۾ به ماڻهن جا گهر ڊهندا رهيا، ماڻهن کان روزگار ڦربو رهيو، پر اهڙو نعرو هڻندڙ پارٽي هڪ لفظ نه ڪڇيو ۽ نه ئي ماڻهن کي رهائش لاءِ ڪا متبادل جاءِ ڏني وئي، حڪمرانن جي اهڙي روش مان سنڌ جا ماڻهو مايوس ٿي چڪا آهن. پ پ جي سرڪار کي گهرجي ته پنهنجي نعري تي عمل ڪري ماڻهن کي جيڪڏهن گهر نه به ڏئي سگهي پر ماڻهن جي گهرن ڊهڻ جو نوٽيس وٺي، ان خلاف وفاق وٽ احتجاج ڪري ته جيئن ان دعا جيان ته خدا ڪنهن کي بي گهر ۽ بيروزگار نه ڪري، ڪو ماڻهو بي گهر ۽ بيروزگار بڻجي ناڪارا نه بڻجي وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.