زالي سرحدي نئين ڊرامي ”قسمت“ جي تيارين ۾…

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) خوبصورت اداڪارا زالي سرحدي پنهنجي ڪيريئر دوران ڪيتريون ئي شاندار پرفارمنسز ڏئي چڪي آهي ۽ هاڻ هوءَ پنهنجي نئين ڊرامي ”قسمت“ ذريعي بهترين پرفارمنس جي فهرست کي اڳتي آڻڻ جي خواهش رکي ٿي.

پنهنجي ڊرامي ”قسمت“ ۾ زالي سرحدي ”مهرين“ نالي هڪ اهڙي عورت جو ڪردار نڀائي رهي آهي، جنهن جو واسطو مڊل ڪلاس گھراڻي سان هوندو.

ان ڊرامي کي آئيس ميڊيا ڪمپني پروڊيوس ڪري رهي آهي.

اداڪارا صحافين سان ڳالهائيندي پنهنجي ڪردار بابت ٻڌايو ته منهنجو ڪردار پنهنجي شادي شده زندگي ۽ ماءُ بڻجڻ جي سفر ۾ مسئلن جو شڪار رهندو ۽ اها ئي ڳالهه ان ڊرامي جي ڪهاڻي کي اڳتي کڻي ايندي، مهرين پنهنجي پيار لاءِ وڙهندي، اهو ڊرامو دوکي تي ٻڌل هوندو.

زالي موجب عورتون پاڻ کي هن جي ان ڪردار سان ڳنڍي سگھنديون، ڇو جو گھڻيون عورتون اهڙن مسئلن جو شڪار ٿي پاڻ سان محبت ڪرڻ وساري ڇڏينديون آهن.

”قسمت“ ڊرامي جي ڪهاڻي سلميٰ يونس لکي آهي، جڏهن ته مصور خان ان جون هدايتون ڏئي رهيو آهي، ڊرامي جي پروڊيوسر اعجاز اسلم آهي.

زالي اداڪار اعجاز اسلم جي تعريف ڪندي چيو ته آئون اعجاز اسلم سان ان کان اڳ ڪيترن ئي پراجيڪٽن ۾ ڪم ڪري چڪي آهيان پر اهو منهنجو پهريون پراجيڪٽ هوندو، جيڪو هن جي پراڊڪشن ۾ ٺهي رهيو آهي ۽ هن وقت تائين منهنجو تجربو شاندار رهيو آهي.

زالي سرحدي کانسواءِ ان ڊرامي ۾ اعجاز اسلم، مريم تيوان، فراز فاروقي، رانا شبير، طارق جميل، روبينا عارف، حميرا زاهدا ۽ صباهت بخاري جهڙا ناليوارا اداڪار ڪم ڪري رهيا آهن.

هن وقت تائين ڊرامي کي نشر ڪرڻ جي تاريخ جو اعلان ناهي ڪيو ويو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.