حڪومت جي مهانگائي عوام کي جيئڻ کان ارواح کڻائي ڇڏيو

شاھ محمد لغاري

اهيا هڪ حقيقت آهي ته کاڌي پيتي جي شين ۾ سئو کان ٻه سئو فيصد جي اضافي مهانگائي ڪري غريبن کي ختم ڪرڻ جو ٽاسڪ پورو ڪيو پيو وڃي پي ٽي آءِ قيادت طرفان اليڪشن کان اڳ وڏيون دعوائون ڪيون ويون آءِ  ايم ايف ڏي ويندڙن کي فقير سڏيو ويو ۽ اهيا دعويٰ ڪئي وئي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت اچڻ سان ٻاهرين ملڪن ۾ پنڻ بند ڪيو ويندو ڪنهن جي اڳيان ڪستو نه کڻنداسين کير ۽ ماکي جون نديون وهائينداسين عوام جون نئين قيادت ۾ وڏيون اميدون هيون ته مهانگائي ختم ٿي ويندي عمران خان عوام کي خواب ڏکاري عوام جي لاءِ هيرو بڻجي ويو پاڪستاني عوام رات جو نه پر ڏينهن جو به خواب ڏسڻ شروع ڪيو ته هاڻي اسان جي ملڪ ۾ غربت ختم ٿي ويندي مهانگائي ختم ٿي ويندي روزگاري جا ذريعا کلي ويندا عوام خوشحال ٿي ويندو خبر ناهي ٻيون ڪيتريون ئي اميدون ٿي ويو پر هي به هڪ حقيقت آهي ته جڏهن به سياستدان ۽ پراڻا سياسي چهرا لباس تبديل ڪري عوام اڳيان ايندا آهن ته پاڪستاني عوام ان پويان پنهنجون جوتيو گسائي گسائي آخرڪار ٿڪجي پئي ٿو اڄ نه پر 60 سالن کان ڪڏهن ڊڪٽيٽر ته ڪڏهن جمهوري حڪومتن جي ڪوڙن واعدن جي آسري عوام زندگي گذاري ڇڏي پر نتيجو ڇا نڪتو بيروزگاري مهانگائي وڌي وئي ملڪي قرضن ۾ واڌ حڪمرانن جا ٻاهرين ملڪن ۾ پنڻ وارو ڪستو بند نه ٿي سگهيو جيڪا حڪومت اچي ٿي ڪستو هٿ ۾ کڻي آءِ ايم ايف وارن جي در اڳيان بيٺي نظر اچي ٿي جيڪا شرم جهڙي ڳالهه آھي پنهنجي عزت جو ته ڪچرو ڪن ٿا پر پاڪستان ۾ ايندڙ نئين نسل کي به پنڻ جهڙي شرمناڪ عادت کان متعارف ڪرايو پيو وڃي افسوس چند ٽڪرن عيوض هن ملڪ جي عزت کي گروي رکڻ وارن حڪمرانن اسان کان هڪ غيرتمند قوم چوڻ جو حق کسي ڇڏيو آهي

 آئي ايم ايف جا ڳرا شرط لاڳو ٿيڻ باوجود حڪومت آءِ ايم ايف جي در اڳيان ڪستو کنيون بيٺي آهي جنهن سبب عوام مٿان مهانگائي جا جبل ڪرائي چيلهه ئي چٻي ڪري ڇڏي آهي ڊالر جي اوڏام ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي بيروزگاري بدآمني عوام جو جئيڻ تان ارواح کڻائي ڇڏيو آهي گذريل حڪومتن به اهڙو قتل عام نه ڪيو هوندو جهڙو پي ٽي آءِ حڪومت ٽيڪسن قرضن ۽ مهانگائي وڌائي عوام کي نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ غريبن کي ماريو پيو وڃي وعدو ڪيو ويو گجر ڏينداسين عوام کي گهر نه مليا جن گهرن ۾ ابن ڏاڏن کان ويٺا هيا اهي گهر خالي ڪرائي عوام کي بي گهر ڪيو ويو بي گهر ٿيلن مان ڪيترن ئي خودڪشيون ڪري زندگي جي بازي هاري ويٺا ڪيترائي بي گهر ٿيل اٽيڪ گڻتي ۾ مري ويا پر پي ٽي آئي حڪومت ۾ ڪا به تبديلي نظر نه آئي جنهن سبب عوام ۾ مايوسي ڇائجي وئي آهي حڪومت جي نئين پاليسي مانيون کائيندڙ هڪ ماني کائن چورن کي ڪون ڇڏيندا سين ڀلي ٻارن کي تعليم نه ڏيو ٻارڙا مزدوريون ڪن پر ”آپ ني گھبرانا نهين” کڻي مري وڃون پر ”آپ ني گھبرانا نهين هي” ، هاڻي ته هن ملڪ جون حالتون بدترين صورت  اختيار ڪري ويون آهن  غريبن  ۾ موت ۽ خودڪشيون وڌي ويون آهن، ٻه وقت جو کاڌو نصيب نٿو ٿئي نااحل حڪومت خلاف سچ لکڻ تي صحافين کي ڌمڪيون ٽي وي چائنلن اخبارن ۾ سچ لکڻ تي چائنلن تي پابنديون اخبارن تي پابنديون فيڪٽريون بند فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙ لکين نوجوان بيروزگار ٿي ويا اڃان به ساڳي ڳالهه آپ ني گھبرانا نهين هي، وزيراعظم صاحب آخر ڪيستائين صحافين جو آواز بند ڪندو اسان صحافي لکڻ تي اچون ته قلم جو به سر قلم ڪري ڇڏيون وزيراعظم صاحب پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان غريبن جون رڙيون نڪرن پيون غريبن جي زخمن تي مرحم بدران مهانگائي جو سونامي آڻڻو هئو ته پوءِ پ پ ۽ ن ليگ جي حڪومت بهتر هئي هن حڪومت جي وزيرن مشيرن گذريل وزيرن کي ڪرپشن ۾ ته پوئتي ڪري ڇڏيو بس ملڪ ۾ ٻين طبقن جي ماڻهن کي مهانگائي نظر نٿي اچي هڪڙا اهي جيڪي پنهنجي والدين جي خرچ تي هلن ٿا ٻيا جيڪي حرام کائن ٿا باقي غريب طبقو سڙي ويو باقي تبديلي ته پري پري تائين نظر نٿي ئي اچي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.