رپورٽ :گهارو: بُهَه جي ڀريل ٽرڪ ڪلٽي، دڪان آڏو ستل همراهه فوت ، ٻه ڄڻا زخمي

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ :گهارو: بُهَه جي ڀريل ٽرڪ ڪلٽي، دڪان آڏو ستل همراهه فوت ، ٻه ڄڻا زخمي
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ :گهارو: بُهَه جي ڀريل ٽرڪ ڪلٽي، دڪان آڏو ستل همراهه فوت ، ٻه ڄڻا زخمي

گهاري ويجهو گولائيءَ وٽ بُهَه جي ڀريل ٽرڪ ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ دڪان آڏو ستل همراهه فوت ٿي ويو جڏهن ته ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

اطلاع تي پوليس ۽ مقامي ماڻهن فوتي ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو جتي زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي.

فوتي جي سڃاڻپ سليم پٽ انور راجپوت نالي  سان ٿي آهي جيڪو پنجاب جو رهواسي آهي.

زخمين ۾ بهرام پٽ ٺارو خان ۽ ربنواز پٽ خدابخش  شامل آهن، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي…………..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.