نوڪيا پاڪستان ۾ سمارٽ فون سستا ڪري ڇڏيا….

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۾ نوڪيا جي ڊسٽري بيوٽر” ايڊوانس ٽيلي ڪام “ پنهنجي ويب سائيٽ تي نون سمارٽ فونن تي 40 سيڪڙو لاٿ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ڪمپني جي هڪ پڌرائي موجب نوان سمارٽ فون نوڪيا جي سمورن فرنچائزن ۽ ڊسٽري بيوٽرن وٽ وڏي پئماني تي موجود آهن جنهن مان واهپيدار ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا.

ويجهڙائي وارن سالن ۾ نوڪيا کي عالمي مارڪيٽ ۾ سخت چئلينجن کي منهن ڏيڻو  پيو آهي ۽ سندس فون جي ڊيمانڊ  ۾ وڏي گهٽتائي آئي آهي.

نوڪيا جي ان نئين پيشڪش کي مارڪيٽ ۾ پنهنجي وڃايل جڳهه واپس حاصل ڪرڻ جي هڪ ڪوشش قرار ڏنو پيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.