ماهرن ڇاتيءَ جي ڪينسر جي علاج جو سڀ کان سولو ۽ سستو طريقو ڳولي ورتو

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي ماهرن ڇاتيءَ جي ڪينسر جي علاج لاءِ هڪ نئون ۽ سڀ کان سولو ۽ سستو طريقو دريافت ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

آمريڪي يونيورسٽي جانز هاپڪنز جي ماهرن ڇاتي جي ڪينسر جي علاج لاءِ ڪولڊ ڊرنڪس سميت ٻين شربتن ۾ استعمال ٿيندڙ ڪاربن ڊاءِ آڪسائڊ گئس کي استعمال ڪرڻ علاج ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

سائنس جرنل ” پلوس ون “ ۾ شائع ٿيندڙ رپورٽ موجب جانز هاپڪنز يونيورسٽي جي ماهرن دعويٰ ڪئي آهي ته هنن هڪ اهڙو اوزار تيار ڪري ورتو آهي جنهن ۾ ڪاربن ڊاءِ آڪسائڊ جو وڏو مقدار موجود هوندو آهي اهو اوزار ڇاتي جي ڪينسر جي ٽيومر کي ختم ڪرڻ مدد ڏيندو آهي.

ماهرن موجب هنن پاران تيار ڪيل اوزار سان بريسٽ ڪينسر جا ٽيومر ختم ناهن ٿيندا پر ٽيومر ڄمي ويندا آهن جيڪي هوريان هوريان پاڻمرادو ختم ٿي ويندا آهن.

ڪاربن ڊاءِ آڪسائڊ سان ڪينسر جي ٽشوز کي منجمد ڪري وائرس کي ختم ڪري سگهجي ٿو، ماهرن جو چوڻ آهي ته جيئن ته ڪاربن ڊاءِ آڪسائڊ سموري دنيا ۾ سولائي سان دستياب هوندي آهي ۽ ان ئي گئس جي مدد سان انسان ۽ ٻوٽا سولائي سان ساهه کڻي سگهندا آهن، تنهنڪري ان گئس جي مدد سان ڇاتي جي ڪينسر جو علاج ممڪن آهي .

ماهرن جو چوڻ آهي ته هن ڪاربن ڊاءِ آڪسائڊ گئس جي وڏي مقدار کي اوزار ۾ شامل ڪري تجربا ڪيا ۽ بريسٽ ڪينسر جي شڪار عورتن جي ٽيومر کي منفي سينٽي گريڊ جي ٿڌ سان منجمد ڪيو ويو .

ماهرن دعويٰ ڪئي آهي ته ڇاتي جي ڪينسر جي ٽيومرز کي ڪاربن ڊاءِ آڪسائڊ جي مدد سان انتهائي منفي سينٽي گريڊ جي ٿڌ سان منجمد ڪري ڪينسر جي جيوڙن کي ڪمزور ڪري سگهجي ٿو جيڪي هر هر منجمد ڪرڻ کانپوءِ پاڻمرادو ختم ٿي ويندا آهن.

Low-cost tissue-freezing device could expand access to lifesaving breast cancer treatments

ماهرن جو چوڻ آهي ته ان نئين طريقيڪار سان گهٽ آمدني ۽ غريب ملڪن جي عورتن کي فائدو ٿيندو ۽ هو انتهائي گهٽ خرچ تي ڪينسر جهڙي موضي مرض جو علاج ڪرائي سگهنديون.

جيتوڻيڪ ماهرن ان طريقي کي درست قرار ڏنو آهي، پر هنن تجويز ڏني ته اڃا به ان تي وڌيڪ تحقيق ڪري ڪم ڪري سگهجي ٿو ۽ ان طريقي ۾ وڌيڪ سولايون پيدا ڪري سگهجن ٿيون.

Leave A Reply

Your email address will not be published.