پاڪستان جهڙو جلسو واشنگٽن ۾ به ٿيندو….!

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير علي زيدي چيو آهي ته وزير اعظم عمران خان جي آمريڪا ۾ استقبال جون ڀرپور تياريون جاري آهن.

ميڊيا سان ڳالهائيندي علي زيدي جو چوڻ هو ته وزير اعظم جي آمريڪي دوري تي ماڻهو پاڪستان جهڙو واشگٽن ۾ جلسو ڏسندا.

هن چيو ته پي ٽي آءِ ڪارڪن جلوس جي صورت ۾ عمران خان جوا ستقبال ڪندا ڪيپٽل ارينا ماڻهن سان ڀرجي ويندو.

ان کان اڳ وزير اعظم جي خاص مددگار زلفي بخاري جو چوڻ هو ته ڪيپٽل ارينا ۾ وزير اعظم عمران خان جو جلسو تاريخي هوندو، ڪنهن پاڪستاني اڳواڻ ۾ آمريڪا ۾ اهڙي قسم جو جسلو ڪرڻ جي همت ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.