پکين جهازن کي نقصان رسائي ڇڏيو….! پائليٽ ۽ انتظاميا پريشان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سول ايوي ايشن اٿارٽي جي غفلت ۽ لاپرواه جي ڪري جهازن سان پکين جي ٽڪرائجڻ جي واقعن ۾ تسلسل سان واڌ ٿي رهي آهي. 7 مهينن ۾ پي آءِ اي جا 34 جهاز متاثر ٿيا، پي آءِ اي کي لکين رپين جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو.

ذريعن موجب ڪراچي ۽ لاهور ايئرپورٽ تي جهازن سان پکين جي ٽڪرائجڻ جا سڀ کان وڌيڪ واقعا رپورٽ ٿيا، پکين جي ٽڪرائجڻ سبب پي آءِ اي جي جهازن کي سڀ کان وڌيڪ نقصان رسيو.

7 مهينن دوران پي آءِ اي جي 34 کان وڌيڪ جهازن سان پکين جي ٽڪرائجڻ جا واقعا رپورٽ ٿيا، پکي ٽڪرائڻ جي ڪري پي آءِ اي جا 8 جهاز خراب طريقي سان متاثر ٿيا آهن، متاثر ٿيلن جهازن ۾ بوئنگ 777 ۽ ايئربس 320 شامل آهن.

سڀ کان وڌيڪ پکين جي ٽڪرائجڻ جا واقعا ڪراچي ايئرپورٽ تي ٿيا، ڪراچي ايئرپورٽ تي پي آءِ اي جا 15 جهاز جڏهن ته لاهور ايئرپورٽ تي پي آءِ اي جي 11 جهازن سان واقعا رپورٽ ٿيا.

ان کان سواءِ سکر ايئرپورٽ تي 2،  پشاور ايئرپورٽ تي 2، اسلام آباد ايئرپورٽ تي 1 ۽ ڪوئيٽا ۾ پکين جي ٽڪرائجڻ جا 2 واقعا رپورٽ ٿيا، پي آءِ اي جي جهاز سان پکي ٽڪرائجڻ جي واقعن ۾ لکين رپين جي واڌو خرچن کي برداشت ڪرڻو پيو ۽ انهن واقعن سبب اڏامن جو شيڊول به خراب طريقي سان متاثر ٿيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.