زبردسي مذهب تبديل ڪرائڻ خلاف سنڌ اسمبلي ۾ ٺهراءُ

ورثا پيرزادو

 سنڌ پهريون ئي ڪيترين مسئلن ۾گهيريل آهي.پهريون ڊيم ٺاهڻ تي زور،بي گناهه سنڌين کي کنڀڻ کان پوءِ هاڻي هندو سنڌين جو زبردستي مذهب تبديل ڪرائڻ وارو ڪم ٿي رهيو آهي.هتي مان قرآن پاڪ جي هڪ آيت جو ترجمو لکڻ چاهيندس

 

 “For you is your religion, and for me is my religion.“ ( Ayat109: 6) 

 

هڪ ٻي آيت ۾ آهي ته

“There is no compulsion in religion ” (Ayat 2: 256).

 

مٿين آيت جي ترجمي ۾ صاف لکيل آهي ته اسان ڪنهن جو زبردستي مذهب تبديل نٿا ڪري سگهون .اسلام تي عمل ڪرڻ وارا ان ڳالهه کان انڪار نٿا ڪري سگهن.مذهب ۾ زبردستي ناهي.اسان وٽ هندو ڪميونٽي هيسائجي وئي آهي.مون سان پڙهندڙ ڇوڪري پنهنجي ڀيڻ لاءِ ٻڌائي پئي ته ڇوڪري کي زبردستي کنڀي ويا ۽ هڪ مهيني کا پوءِ ظاهر ڪيائون جنهن کانپوءِهوءَ ڇوڪري پنهنجي والدين ۽ ڀيڻ ڀائرن کي سڃاڻڻ کان به انڪار پئي ڪري.ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته مذهب تبديل ڪرائڻ وارا ڪيترا طاقتور آهن.

اسان وٽ لکن جي تعداد ۾ غير رياستي ادارا آهن جيڪي ماڻهن جي مدد لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن پر افسوس جو اهي ادارا غريبن جا  ناهن.هن وقت اسان جي ملڪ ۾ اهو ئي نظام هلي رهيو آهي ته طاقتور وڌيڪ طاقتور ٿا ٿين ۽ غريب وڌيڪ غريب ٿيندا ٿا وڃن.اهو سرمايه دارانه سسٽم جو قانون اهي.

حڪومت انصاف ڪرڻ آئي هئي پرڏٺو وڃي ته هن وقت انصاف ئي آهي جيڪو نٿو ملي.حڪومت جي اچڻ سان ئي نا انصافين جا واقعا سامهون آيا آهن جن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ صرف سماجي سرگرم ڪارڪن ڪم ڪري رهيا آهن  اسان جي وزير اعظم کي ته اها به خبر ناهي ته ملڪ ۾ ڇا هلي رهيو آهي..

 صرف پاڪستان نه پر ڪو به ملڪ تڏهن ترقي ڪري سگهي ٿو جڏهن عدل ۽ انصاف ملڪ ۾ عام هجي..افلاطون جي مثالت پسندي واري نظريي ۾ آهي ته ملڪ مان برائي ختم ڪري سٺن ڪمن کي پکيڙن گهرجي سٺا ڪم صرف عدل ۽انصاف سان اچي سگهن ٿا.ان جو مطلب اهو ٿيو ته عدل کي ملڪ ۾ پکيڙڻ گهرجي.هن جي نظريي سان ڪيترائي اختلاف هجن پر ڪجهه نقطا افلاطون بهتر طريقي سان بيان ڪيا آهن.هڪ سٺي رياست ٺاهڻ لاءِ اسان کي مختلف ٿنڪرز جا نظريا ملائي انهن تي عمل ڪرڻ گهرجي.

اها ڳالهه ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ ناهي ته موجوده حڪومت ناڪام ٿي وئي آهي.هن وقت مسئلن ۾ سڀ کان وڏو مسئلو اقليتن کي انهن جي حقن کان محروم ڪرڻ آهي.انهن جي حقن جي تحفظ لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ ته پاس ڪيو آهي پر ڇا ان تي عمل به ٿيندو؟ ماضي کان پاڪستان ۾ صرف هڪ صوبو سنڌ آهي جنهن اقليتين کي انهن جا پورا پورا حق ڏنا آهن انهن لاءَ ٻين صوبن جي مقابلي ۾ سنڌ ۾ اقليت وڌيڪ تعداد ۾ آهي ۽ امن سان پنهنجي زندگي گذاري رهيا آهن پر افسوس ته هاڻي هي صوبو به ٻين وانگر اقليتن لاءِ پنهنجو گهر ناهي رهيو ۽ سڀ لڏي ٻين ملڪن جو رخ ڪري رهيا آهن.جنهن هندو ڇوڪري جي مان ڳالهه ڪئي ان جو سڄو خاندان هاڻي هندستان لڏي وڃڻ وارو آهي ۽ افسوس ته مان انهن کي اهو به نٿي چئي سگهان ته هتي رهو توهان کي ڊڄڻ جي ضرورت ناهي .

ٺهراءُ ۾ آهي ته زبردستي مذهب تبديل ڪرائڻ واري کي پنج سال قيد جي سزا ۽ ڏنڊ ٿيندو پر ڪنهن کي اها خبر ڪيئن پوندي ته مذهب زبردستي تبديل ڪرايو ويو آهي؟ مذهب تبديل ڪرائڻ وارا طاقتور آهن .پاڻ مظلوم اهو مڃڻ لاءِ تيار ناهي ته مذهب زبردستي تبديل ڪرايو ويو آهي.

ان ٺهراءُ جو پاس ٿيڻ به وڏي ڪاميابي آهي ۽ ان ڪاميابي تي خوشي به ٿئي ٿي پر هن وقت ضروري آهي ته زبردستي مذهب تبديل ڪرائڻ واري عمل کي مڪمل طور ٿي ختم ڪيو وڃي.

اسان کي اهو عزم ڪرڻ گهرجي ته هاڻي ڪنهن به اقليت جو مذهب زبردستي تبديل نه ٿيندو.هر ڪو پنهنجو فرض سمجهي ته نا انصافيءَ خلاف آواز اٿاري.هتي مان اسپارٽا ۽ ايٿنز جي رياست جو مثال ڏيندو ته اتي جا شهري حڪومت سان ملي ڪري ڪم ڪندا هئا جنهن جي ڪري يونان هڪ وقت ڪامياب رياست هئي ۽ تهذيب ۽ علم جو مرڪز هئي.ان جو ڪارڻ اتي جا شهري هئا جن رياست کي بهتر ٺاهڻ لاءِ ڪوششون ڪيون.تنقيد ڪري خاموش ويهڻ سان ملڪ بهتر نه ٿيندو ان لاءَ هر ڪنهن کي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻو پوندو. 

Leave A Reply

Your email address will not be published.