خيرپور ( ويب ڊيسڪ ) خيرپور ويجهو لقمان ۾ پلاٽ جي مالڪي تان جت ۽ نائچ برادرين ۾پلاٽ جي معاملي تان جهيڙي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، متاثرن پاران واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
متاثرن لقمان ريلوي ڦاٽڪ تي ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏنيون جنهن سبب خيرپور پيرڳوٺ روڊ بلاڪ ٿي ويو.
ان موقعي تي عبدالصمد نائچ، غلام مصطفي نائچ، خادم حسين، منير احمد نائچ، نثار احمد نائچ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ڏينهن نظر محمد نائچ واري ڌر مٿن حملو ڪيو.
هنن چيو ته مخالفن جي حملي ۾ سندن پنج ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل ڪرايو ويو آهي.
متاثر ڌر چيو ته پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهي آهي.
هنن چيو ته جوابدارن جو تعلق حڪومتي ڌر سان آهي ان ڪري هو زيادتيون ڪري رهيا آهن.
هنن چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس آصف سعيد کوسا ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.