پنڊي ايڪسپريس شعيب اختر سڀ کان وڏي يوٽيوبر جو ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر رڳو 28 ۾ 10 لک سبسڪرائبرز ڪري سڀ کان وڏي يوٽيوبر جو ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.

ڪجهه ڏينهن ۾ يوٽيوب چئنل تي 10 لک سبسڪرائبرز حاصل ڪرڻ تي شعيب اختر کي گولڊن بٽڻ به پيش ڪيو ويو.

راولپنڊي ايڪسپريس شعيب اختر سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽري تي پنهنجن مداحن کي خوشخبري ٻڌائيندي چيو ته آئون انهن سڀني جو ٿورائتو آهيان جن جي مدد سان مونکي يوٽيوب طرفان ” گولڊن بٽڻ “ مليو، توهان سڀني لاءِ تمام گهڻو پيار.

هن چيو ته نه رڳو پاڪستان پر دنيا جي ٻين ملڪن ۾ موجود هر ان مداح جو ٿورائتو آهيان جيڪو مونکي پسند ڪري ٿو، شعيب اختر ان موقعي تي ِيوٽيوب تي هڪ ويڊيو به پوسٽ ڪئي جنهن ۾ کيس” گولڊ بٽڻ“ سان گڏ ڏسي سگهجي ٿو.

ياد رهي ته ڪجهه پهريان اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر پنهنجو يوٽيوب چئنل ٺاهيو هو ۽ گهٽ عرصي ۾ 10 لک سبسڪرائبرز حاصل ڪري سڀ کان وڏي يوٽيوبر پيوڊي پاءِ جو ريڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.