[zoomsounds_player artistname=”عوامي آواز رپورٽ” songname=”aaaaaaaaaaa ” type=”detect” source=”http://videos.awamiawaz.com/audio/Reports/” config=”default” autoplay=”off” loop=”off” open_in_ultibox=”off” enable_likes=”off” enable_views=”off” play_in_footer_player=”off” enable_download_button=”off” download_custom_link_enable=”off”]
گمبٽ ۾ پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن ۽ گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ملازمن مير مرتضيٰ جوڻيجي، شريف پالاري، ھدايت ﷲ عباسي، اي ڊي ناريجي، قربان منگي، اسلم عباسي، حنيف شيخ، ماجد آرائين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.
ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي صحت کاتي ۾ ڪم ڪندڙ ھزارين پيرا ميڊيڪل ملازم بنيادي حقن کان محروم آهن.
هنن چيو ته ٽائيم اسڪيل جناح اسپتال جي برابر ڪري ھيلٿ الائونسز 50 سيڪڙو منظور ڪيو وڃي.
اڳواڻن چيو ته سال 2014 ۾ فنانس طرفان ملازم دشمني تحت جاري ڪيل رڪوري ليٽر رد ڪيو وڃي جڏهن ته سالن کان ڪم ڪندڙ گاوي ويڪسينيٽرن کي پڪو ڪيو وڃي ۽ ڊپلوما ھولڊر سرٽيفائيڊ ٽيڪنيڪل اسٽاف کي عطائي جو نالو ختم ڪري مريضن کي فرسٽ ايڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.
ھنن صگحت جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پاڪستان پيرا ميڊيڪل ملازمن جا جائز مطالبا حل ڪيا وڃن، ٻئي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو………….