مفتاح اسماعيل ۽ عمران شيخ جي حفاظتي ضمانت منظور

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي ناڻي واري وزير  مفتاح اسماعيل ۽ پي ايس او جي اڳوڻي چيئرمين عمران شيخ جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

نيب جي ٽيم ايل اين جي ڪيس  ۾ اڳوڻي ناڻي واري وزير  مفتاح اسماعيل کي گرفتار ڪرڻ لاءِ سندس ڪراچي واري گهر تي ڇاپو هنيو هو، مفتاح اسماعيل گهر ۾ موجود نه هجڻ ڪري گرفتار نه ٿي سگهيو ۽ نيب جي ٽيم سندس گهر جي جهڙتي وٺڻ بعد واپس هلي وئي.

مفتاح اسماعيل گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ پهتو ته نيب ٽيم به اُتي موجود هئي.

مفتاح اسماعيل عدالت ۾ گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي، وڪيلن جي اپيل تي عدالت درخواست کي اڄ ئي ٻڌڻ لاءِ منظور ڪري ورتو.

جسٽس اقبال ڪلهوڙي جي سربراهيءَ ۾ 3 رُڪني بئنچ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ۽ سندس وڪيل دليل ڏيندي چيو ته هي اسلام آباد جو ڪيس آهي، تنهن ڪري حفاظتي ضمانت ڏني وڃي ته جيئن سندس اصيل اسلام آباد جي عدالت سان رابطو ڪري سگهي.

عدالت مفتاح اسماعيل جي هڪ هفتي لاءِ حفاظتي ضمانت منظور ڪندي کيس 5 لک رُپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

عدالت ساڳئي ڪيس ۾ پي ايس او جي اڳوڻي چيئرمين عمران شيخ جي به حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي ۽ کيس 5 لک رُپين جا مچلڪا پڻ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

 عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مفتاح اسماعيل چيو ته نيب کي ڇاپا هڻڻ جي ڪابه ضرورت نه هئي، کيس نوٽيس ڪالهه شام جو ئي مليو هو.ا

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.