ڊيلٽا ٺهڻ جو عمل

يوسف سيف

برسات وسي ٿي ته ان جو ڪجهه پاڻي زمين جذب ڪري وٺندي آهي، ٿورو ٻاڦ بڻجي اڏامي ويندو آهي، باقي جيڪو بچندو آهي اهو جتان رستو ملندو آهي وهڻ شروع ڪندو آهي. اهو وهندڙ پاڻي هيٺين پاسي يا هيٺائين ۾ هليو ويندو آهي. اهو وهندڙ پاڻي هن زمين جي مٿاڇري تي، ان جي سنوار، سڌائي، ان کي ڊاهڻ توڙي ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. اهو زمين کي ڪٽڻ، ڀورڻ، ڊاهڻ، لهوارو ۽ اوڀارو ڪرڻ، نرم ڪرڻ ۾ به پنهنجي حصي جو ڪم ڪري ٿو. اهو وهندڙ پاڻي گهٽ ۾ گهٽ ٽي اهم ڪم سرانجام ڏئي ٿو. هڪ ته اهو زمين کي ڪٽي ٿو، ٻيو ته ان ڪٽڻ/ ڀورڻ سان جيڪا مٽي، مٽي جا ذرڙا زمين جي سخت تهه کان الڳ ٿي وڃن ٿا انهن کي پنهنجي وهڪري ۾ وهائي کڻي ٿو وڃي. ٽيون ڪم اهو آهي ته اهو وهندڙ پاڻي جن شين کي وهائي/وهڪري ۾ کڻي ٿو وڃي ان کي رستي ۾ ڪٿي ڦٽو ڪري ڇڏي ٿو ڏئي. ان کي وهندڙ پاڻي جو تعميراتي عمل به سڏيو وڃي ٿو. سولائي سان هئين چئبو ته وهندڙ پاڻي زمين کي ڪٽي ٿو /پائي ٿو، جيڪو ڪجهه هو ڪٽي سگهي ٿو اهو پاڻي سان گڏ وهائي کڻي ٿو وڃي ۽ رستي ۾ پنهنجي ان بار کي ڇڏي اڳتي وهي وڃي ٿو. هن ڌرتيءَ جي هر هنڌ اهو عمل ورجائجي ٿو، ڪٿي ڪٿي ته خشڪ، پٿريلي توڙي وارياسي زمين تي پاڻي جي وهڪري جي ڪاريگري جا اهڙا نقشا، نمونا ۽ منظر به ڏسڻ ۾ ايندا آهن جو انسان کي اهي ڪنهن وڏي فنڪار جا نمونا لڳندا آهن.

زمين جي مٿاڇري جي ساخت ۽ صورتحال جي نتيجي ۾ هر علائقي ۾ وهندڙ پاڻي جو عمل مختلف هوندو آهي، ساوڪ، وڻن، ٽڻن، پٿريلي زمين تي پاڻي جي وهڪري جو اثر خشڪ، زمين جي ڀيٽ ۾ گهٽ ٿئي ٿو.

برسات جي فورن بعد وهندڙ پاڻي زمين کي پائڻ/ڪٽڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيندو آهي. زمين جي سطح جي نوعيت جي لحاظ سان پاڻي جي وهڪري جي رفتار مشروط آهي. مٿان کان هيٺين طرف زمين تي پاڻي جي وهڻ جي رفتار تيز ٿئي ٿي. وهڪرو جيترو تيز هوندو، ان ۾ زور به ايترو ئي ٺهندو آهي. برسات وقت زمين کان جيڪي مٽي- پٿر جا ذرڙا جدا ٿين ٿا ته وهڪرو انهن کي پاڻ سان رهڙي کڻي ٿو وڃي. ائين جيترو وهڪرو تکو هوندو آهي ۽ جيترو ان ۾ زور هوندو آهي اهو ان حساب سان زمين/پٿريلي سطح کان جدا ٿيل پٿرن، ڀترن، ڪاٺين مطلب ته وهڪري جي زور جي اثر ۾ ايندڙ هر شيءِ کي وهائيندو کڻندو ويندو آهي. اهڙي وهڪري سان وهندي وڏا پٿر به پاڻ ۾ ٽڪرائيندا ٽٽندا، ڀڄندا ۽ گهلبا، رڳڙجندا هلندا رهندا آهن، جيڪي نيٺ وڌيڪ ٽڪرائجي ذرا پرزا ٿي ويندا آهن ۽ ڪوهين ڏور هليا ويندا آهن.

درياهه جو وهڪرو جيڪي پٿر، مٽي، ريتي، واري کڻي ايندو آهي ان کي درياهه جو بار چئجي ٿو، انهن شين کي هڪ کان ٻئي هنڌ تائين پهچائڻ واري ڪم کي منتقلي جو عمل چئبو آهي اڪثر درياهه زمين کي ڪٽڻ/پائڻ سان گڏوگڏ ئي مٽي، پٿر، واريءَ توڙي ٻيون شيون هڪ کان ٻئي هنڌ پهچائڻ وارو ڪم به ڪندا رهندا آهن.

درياهه پنهنجي بار يا ٻوجهه کي هڪ کان ٻئي هنڌ تائين پهچائڻ لاءِ ٻن طريقن سان ڪم ڪري ٿو. پٿر ۽ مٽي جا ننڍڙا ذرڙا دريا جي پاڻي ۾ ملي هڪ ٿي ويندا آهن ۽ درياهه جو وهڪرو ان کي وهائي کڻي ويندو آهي. چئبو ته پاڻي جي و هڪري ڌارا يا تک انهن ذرن کي پاڻي جي اندر ويهڻ نه ڏنو، پاڻ سان هلائيندو رهيو. اهي ئي مٽي جا ذرا آهن، جنهن ڪري پاڻي جو رنگ اهڙو ٿي وڃي ٿو. پاڻي لُڙُا نڪري ئي ٿي ويو آهي. وڏا وڏا پٿر جيڪي وري پاڻي ۾ ملي گهلي نٿا سگهن اهي به رڙهندا گهلبا هلندا رهندا آهن. وزندار پٿر آهستي آهستي رڙهندا آهن يا هو مفاصلو طئي ڪرڻ ۾ وڌيڪ وقت وٺندا آهن.

وڌيڪ وزن، مٽي، پٿر کڻندڙ درياهه جي رفتار سست ٿئي ٿي، ان جي ڀيٽ ۾ تيز وهندڙ پاڻي جي اندر وزن گهٽ کنيو ويندو آهي يا وري وهڪري جي وزن جي لحاظ سان درياهه جي رفتار جو اندازو ٿيندو آهي. درياهه جي رفتار جيتري تيز هوندي اوتري ئي جلدي ۾ اهو پنهنجو بار هڪ کان ٻئي هنڌ پهچائي سگهندو. جڏهن درياهه جي رفتار گهٽجي ويندي آهي ته اهو پنهنجو بار اتي ڇڏيندو ويندو آهي  درياهه جي هڪ کان ٻئي هنڌ بار کي پهچائڻ جو عجب نظارو ان جي ڪنارن يا پوءِ ان جي تري ۾ نظر ايندوآهي. جڏهن ڪوبه درياهه ڪنهن سمنڊ يا ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندو آهي ته پوءِ ان ۾ تيزي ناهي رهندي.

درياهه پاڻي سان جيڪو بار، پٿر، مٽي، واريءَ آڻيندو آهي اهي شيون ڪنارن تي جمع ٿي وينديون آهن، پهرين وڌيڪ وزن واريون شيون پوءِ ان کان گهٽ وزن واريون ۽ پوءِ مٽيءَ توڙي واريءَ جا ذرا جمع ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن. درياهه جي ڇوڙ ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن. درياهه جي ڇوڙ واري حصي وٽ درياهه جي ڇڏيل بار ۾ به هڪ ترتيب نظر ايندي آهي. اهي سڀ شيون هڪ ٻئي مٿان سٿيل، هڪ مٿان ٻيو تهه چڙهيل، هڪ مٿان ٻيو ڏاڪو رکيل نظر اينديون آهن، اهو مسلسل عمل آهي، جنهن سان اهڙو حسين نظارو جڙي ٿو. انهن ٺهندڙ تهن سان زمين مٿي ٿيندي ويندي آهي ۽ پاڻي لاءِ رستو رڪجي ويندو آهي. درياهه وري ڀرپاسي کان ٻيو رستو ٺاهيندو آهي اتي به ساڳي صورتحال ورجائبي اهي ائين اهي تهه ڄمي پڪا ٿي ويندا آهن عام طور تي درياهه جي ڇوڙ وٽ ٽڪنڊي شڪل ٺهي ٿي. يوناني زبان جو هڪ لفظ ڊيلٽا آهي، جنهن جي شڪل ٽڪندي جهڙي آهي، ان ڪري ان کي ڊيلٽا چيو وڃي ٿو. سنڌيءَ ۾ ان لاءِ هڪ حد تائين نعم البدل لفظ ڇوڙ وارو علائقو آهي دنيا ۾ گنگا، سنڌو ۽ نيل درياهه وڏا وڏا ڊيلٽا ٺاهيا آهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.