لاهور ۾ عورت پوليو ورڪر جو قاتل سندس ساٿي نڪتو…!

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي علائقي مناوان ۾ عورت پوليو ورڪر جي قتل جو ڳجهارت حل ٿي وئي آهي ۽ کيس پنهنجي ئي ساٿي ورڪر قتل ڪيو آهي.

انويسٽيگيشن پوليس جو چوڻ آهي ته مناوان ۾ عورت پوليو ورڪر کي هڪ ٻئي پوليو ورڪر ئي قتل ڪيو ۽ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب جوابدار عابد علي هڪ مهينو اڳ 24 ورهين جي پوليو ورڪر کي قتل ڪيو، جوابدار پاڻ به پوليو ورڪر آهي ۽ مقتول عورت سان گڏ ڪم ڪندو هو.

پوليس ٻڌايو ته مقتول عورت جو مڙهه بي آر بي واهه مان لڌو هو، جنهن جي سڃاڻپ بشريٰ جي نالي سان ٿي هئي، قتل جي جاچ لاءِ خاص ٽيم جوڙي وئي، جنهن معاملو حل ڪيو.

پوليس اختيارين موجب جوابدار قتل جو اعتراف ڪري ورتو آهي ۽ هن مقتول عورت کان 40 هزار رپيا به ورتا هئا، خبر پئي آهي ته عورت پوليو ورڪر پنهنجي سئوٽ کي ملازمت تي رکرائڻ لاءِ عابد علي کي 40 هزار رپيا ڏنا هئا پر جوابدار ڀرتي نه ڪرائي سگهيو.

پوليس ٻڌايو ته بشريٰ ساٿي ورڪر کان رقم جي واپسي جي گهر ڪئي، جنهن تي هن عورت کي نشو ڏئي ڳلي ۾ ڦاهو وجهي قتل ڪيو ۽ سندس مڙهه واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.