اڄوڪو ڏينهن ڀارت لاءِ ڇا ثابت ٿيو….! ڊي جي آءِ ايس پي آر جو بيان جاري

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل آصف غفور جو چوڻ آهي ته اڄوڪو ڏينهن ڀارت جي لاءِ هڪ ٻيو 27 فيبروري ثابت ٿيو، عالمي عدالت ۾ ڀارت جي ڪوڙي نظريي کي شڪست ملي ۽ ان کي ڪلڀوشن فيصلي جي صورت ۾ اڄ سڀ کان وڏو سرپرائز مليو.

خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ميجر جنرل آصف غفور چيو ته پاڪستان جي حق ۾ فيصلو ٿيڻ تي الله جو شڪر ادا ڪيون ٿا ۽ ڪلڀوشن بابت فيصلو پاڪستان جي ڪاميابي آهي.

هن چيو ته ڀارت جي ملٽري ڪورٽ جي سزا ختم ڪرڻ جي اپيل رد ڪئي وئي جڏهن ته ڪلڀوشن کي آزاد ڪرڻ واري ڀارتي درخواست به رد ڪئي وئي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته ڪلڀوشن ڀارت جو حاضر سروس آفيسر آهي، اسان جو اِهو موقف گهريو ويو ۽ دنيا ڏسي ورتو ته ڀارت جو پاڪستان ۾ ڪهڙو ڪردار آهي، ڀارت هميشه ڪوڙو نظريو ٻين تي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پر عالمي عدالت جي فيصلي سان ڀارتي ڪوڙي نظريي کي شڪست ملي.

سندس چوڻ هو ته اڄوڪو ڏينهن ڀارت جي لاءِ هڪ ٻيو 27 فيبروري ثابت ٿيو ۽ ڀارت کي ڪلڀوش فيصلي جي صورت ۾ اڄ به سرپرائز مليو.

ميجر جنرل آصف غفور چيو ته عالمي عدالت نظرثاني جو معاملو پاڪستان تي ڇڏي ڏنو آهي، قانون جي موجب ڪلڀوشن بابت حڪومت جيڪو فيصلو ڪندي ان تي عمل ڪنداسين جڏهن ته آرمي چيف جو چوڻ آهي ته قانون جي موجب ئي فيصلو ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.