شهباز شريف جي خاندان جون ملڪيتون ۽ گاڏيون منجمد ڪرڻ جو حڪم

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف جي خاندان جون ملڪيتون ۽ ٻه وڏيون گاڏيون منجمد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

نيب لاهور مختلف ادارن کي خط لکي هدايتون ڏنيون آهن، جنهن موجب ماڊل ٽائون لاهور ۾ شهباز شريف جون ٻه رهائشگاهون 87 ايڇ ۽ 96 ايڇ آهن ۽ اهي ٻئي رهائشگاهون سندس زال نصرت شهباز جي نالي تي آهن.

نيب خط موجب ڊونگا گلي ۾ 9 ڪنال جو گهر به سندس گهرواري جي نالي آهي، جڏهن ته هري پور ۾ شهباز شريف جو هڪ پلاٽ، ڪاٽيج ۽ وِلا سندس ٻي گهرواري تهمينا دراني جي نالي آهي، ان سان گڏوگڏ ڊفينس لاهور جي فيز 5 ۾ شهباز شريف جا 2 گهر به تهمينا دراني جي نالي تي آهن.

خط ۾ چيو ويو آهي ته جوهر ٽائون لاهور ۾ 9 پلاٽ شهباز شريف جي پٽ حمزا شهباز جي نالي تي آهن.

نيب خط ۾ شهباز شريف جي نالي تي ٻه گاڏيون به منجمد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

قومي احتساب بيورو خط موجب اهي ملڪيتون ۽ گاڏيون نه وڪرو ڪري سگهبيون ۽ نه ئي انهن کي ڪنهن ٻئي جي نالي تي ٽرانسفر ڪري سگهبو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.