ٿر ۾ مٽي جي طوفان ماروئڙن کي مايوس ڪري ڇڏيو

غازي بجير

چوڻي آهي ته وسي ته ٿر نه ته بر ئي بر، ٿرپارڪر ضلعو جيڪو قدرتي وسيلن سان مالامال آهي، سنڌ جو هي خطو جيڪو هر لحاظ کان حڪمرانن جي ڪن لاٽار سبب پوئتي ڌڪجندو رهيو آهي، پوءِ اهو کڻي ڪنهن جو به دور هجي، پر چار پنج سالن کان هن خطي کي الاهي ڪنهن جي ته ڄڻ نظر لڳي وئي آهي، جو ڪوئلي سميت معدنياتي وسيلن سان مالامال هن خطي ۾ مصيبتن جنم ورتو آهي، مسلسل پنجن ورهين کان گهربل برساتون نه پوڻ ڪري ڏُڪاري حالتون برقرار آهن،

هر سال بنا وسڪاري جي گذري ويندڙ سال بعد مارو انتهائي مشڪلاتن کي منهن ڏيندا اچن پيا، 22 هزار اسڪوائر ڪلوميٽر پکيڙ رکندڙ ٿرپارڪر ضلعو ستن تعلقن مٺي، اسلام ڪوٽ، ننگرپارڪر، ڪلوئي، ڇاڇرو، ڏاهلي ۽ ڏيپلو تي مشتمل آهي، ٽوٽل آبادي 17 لک جي لڳ ڀڳ آهي، هتي پاڻي، تعليم، صحت، بجلي، روڊن رستن سميت باقي بنيادي سهولتن جي هميشه اڻهوند رهي آهي، جنهن سبب هن امير ٿر جا مارو غريب بڻجي ڌڪا کائي رهيا آهن، ڏڪاري حالتن سبب روزاني معصوم ٻارڙا غذائي کوٽ سميت مختلف بيمارين وگهي فوت ٿي رهيا آهن، صرف هلندڙ سال 450 معصوم ٻارڙا فوت ٿيا آهن، اڄ به فوتگيون رڪجي ناهن سگهيون،

هن سال ٿري ماروئڙن دعائون پئي گُهريون ته برساتون سُٺيون پونديون ۽ اسان تان ڏڪار جا ڪڪر لهي ويندا، پر مئي واري آخري هفتي ۾ برساتون شروع ٿينديون آهن، اهو به بنا برسات جي گذري ويو، جنهن بعد جولاءِ جي پهرين هفتي کان مڪمل برساتن جا ڏينهن هوندا آهن پر جولاءِ جا به ٻه هفتا بنا برسات جي گذري ويا آهن، انهيءَ کان اڳ ۾ ننگرپارڪر ۽ ڀرپاسي ۾ برسات هئي، پر هن وقت ٿرپارڪر ضلعي ۾ مٽيءَ جي طوفان تباهي مچائي ڇڏي آهي، جنهن سبب ڏُڪاريل ڏيھ ٿر جون حالتون ٻيهر انتهائي خراب ٿي ويون آهن، برسات بدران هر پاسي مٽي ئي مٽي آهي، هڪ هفتي کان جاري مٽي جي تيز طوفان زندگي جو سمورو نظام درهم برهم ڪري ڇڏيو آهي، تيز مٽي جي طوفان سبب هر پاسي واري اُڏامندي نظر اچي رهي آهي، جنهن سبب رستا ۽ کوهه به لٽجي ويا آهن، ڪيترائي ڪمزور وڻ ڪري پيا آهن ۽ ڇپرا به اُڏامي ويا آهن،

مٽي جي طوفان زندگي سخت متاثر ڪري ڇڏي آهي، تيز مٽي جي طوفان سبب روڊن تي واري جا دڙا ٺهي ويا آهن، جنهن سبب روڊ پڻ واريءَ هيٺ اچي ويا ۽ ٽرانسپورٽ وارو نظام ڪٽجي ويو آهي، ڇاڇري، عمرڪوٽ ۽ اسلام ڪوٽ وارو روڊ مڪمل طور واريءَ هيٺ اچي ويو آهي، جنهن سبب گاڏيون ڦاسي پيون آهن، پرانتظاميا ڪوبه تحرڪ ناهي ورتو، ڳوٺن جو شهرن کان رابطو ڪٽجي ويو آهي، ٻئي پاسي ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن، مٽي جي تيز طوفان سبب هر پاسي ڪوهيڙي جهڙا منظر آهن، ويجهي ۾ به ڪجھ نظر نٿو اچي، مارو ماڻهو برسات جي موسم دوران مٽيءَ جو طوفان ڏسي سخت پريشان ٿي ويا آهن ۽ اکيون برسات لاءِ آسمان ۾ کُتل اٿن، جيڪي وسڪاري لاءِ دعائون گهري رهيا آهن، حالتون خراب ٿي ويون آهن، کوهن ۾ واري وڃڻ ڪري پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، جڏهن ته ڪچن گهرن ۾ رڌ بچاءُ ڏکيو ٿي پيو آهي، ڪکاون گهرن ۾ واري ٻُڪن جيئان ڪرندي نظر اچي ٿي، جنهن سبب رڌ پچاءُ ۾ به واري جي ملاوٽ ٿي رهي آهي، ڪکاون گهرن ۾ عورتون خوف وچان چلھ به نه ٿيون ٻارين، جنهن سبب بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن،

80 لک چوپايو مال به بکن ۽ اُڃ ۾ پاهه ٿي ويو آهي، ڪچن گهرن ۾ رڌ پچاءُ سخت متاثر ٿي ويو، مٽيءَ جي طوفان سبب غريبن جي گهرن جا چلھ اُجهامي ويا آهن، خوفناڪ طوفان سبب ڪيتروئي چوپايو مال جهنگ ۾ غائب ٿي ويو، چوپايو مال ڏينهن ۽ رات تيز طوفان سبب رستا لٽجي وڃڻ ڪري گهرن تائين واپس اچي نه سگهيو، جنهن سبب ڏُڪار متاثر مالوند ويتر پريشان ٿي ويا آهن، عمرڪوٽ_ڇاڇرو روڊ واريءَ ۾ مڪمل لٽجي وڃڻ ڪري بند ٿي ويو، جنهن سبب ڇاڇري ۽ عمرڪوٽ جو زميني رابطو ڪٽجي ويو، رستن تي واري جا دڙا ٺهي وڃڻ ڪري حادثا معمول بڻجي ويا، انتهائي تيز طوفان سبب موٽرسائيڪل هلائڻ مشڪل بڻجي ويو، تيز هوائن سبب موٽرسائيڪل هوا سبب اڳتي هلي نه ٿي سگهي ۽ حادثن جو شڪار ٿيو وڃي، جنهن سبب اڪثر ڪري ننڍي ٽرانسپورٽ بند ٿي ويئي، ڪچن ڳوٺن جا رستا لٽجي بند ٿي ويا، جنهن سبب ٻهراڙي وارن ڳوٺن ڏانهن ويندڙ گاڏيون مالڪن بيهاري ڇڏيون آهن، گاڏيون بند ٿيڻ سبب ڳوٺن کان شهر ايندڙ مريض سخت پريشان ٿي ويا آهن، ٽرانسپورٽ نه هلڻ ڪري ٻهراڙين ۾ کاڌ خوراڪ جو سامان کٽي ويو آهي، برساتن بدران مٽي جي طوفان ٿرين جي پريشانين ۾ ويتر اضافو ڪري ڇڏيو، برساتون نه پوڻ ڪري ٿرين جون اکيون اُڀ ۾ اٽڪيل آهن ۽ وسڪاري جا قيمتي ڏينهن بنا برساتن جي ويندي ڏسي ٿري اداس بڻيل آهن.

بئراجي علائقن ڏانهن ويل مالوند ماروئڙن چوپائي مال سميت پنهنجن ڳوٺن ڏانهن واپسي شروع ڪري ڇڏي آهي، مختلف ضلعن جي بئراجي علائقن ڏانهن ويل مالوند واپس پنهنجن گهرن طرف اچي رهيا آهن، جنهن سبب روڊن تي چوپائي مال جون قطارون لڳل آهن، مالوند مارو هر سال ڏُڪار بعد ٿر جي ستن ئي تعلقن مان چوپايو مال ڪاهي سوين ڪلوميٽر پنڌ ڪري بئراجي علائقن ڏانهن وڃن ٿا، جيڪي اتي چار مهينا گذارڻ بعد ٻيهر وسڪاري جون اُميدون سانڍي ٿر اچن ٿا، پر مسلسل چئن ورهين کان ڏُڪاري حالتون پيدا ٿيڻ بعد 80 لک چوپايو مال بکن ۾ پاهه ٿي رهيو آهي، چارو نه ملڻ ڪري مال بکن ۾ پاهه ٿي بيمارين جي ورچڙهي وڃي ٿو، پاڻي کٽي وڃڻ ڪري بئراجي علائقن کان واپس ٿر پهتل مالوند ويتر سخت پريشانين ۾ وٺجي ويا آهن، پر سنڌ حڪومت پاران اعلانيل چارو به فراهم ناهي ڪيو ويو، جنهن سبب واپس پهتل ڍور بکن ۾ پاهه ٿي رهيا آهن ۽ مالوندن جا هٿ مٿي تي اچي ويا آهن، پوندڙ ڏڪارن ماروئڙن کي دربدر ڪري ڇڏيو آهي.

هن وقت گولاڙچي، بدين، پنگريو، دادو، شهدادڪوٽ، سانگهڙ، ڪنڌڪوٽ، ميرپورخاص، ٽنڊوباگو، سکر ۽ گهوٽڪي سميت ٻين شهرن ۾ ٿر جا هزارين لاڏائو خاندان ترسيل آهن، جتي خاندان مختلف سخت پورهيو ڪندي نظر اچن ٿا، انهن خاندانن سان گڏ عورتون ۽ معصوم ٻارڙا به شامل آهن، جنهن سبب روزگار جي تلاش ۾ انهن خاندانن جا معصوم ٻارڙا تعليم جي سهولتين کان محروم ٿي ويا آهن. مسلسل ٽي کان چار مهينا سخت پورهيو ڪرڻ بعد واپسي تي انهن کي ڪڻڪ جا ڪٽا ملندا آهن، جنهن مان اڌ ڪڻڪ وڪرو ڪري گاڏين جو ڀاڙو ڪري باقي بچت ٿيندڙ ڪڻڪ کڻي واپس ٿر ايندا آهن، ڏڪاري حالتن بعد ٻچن جو پيٽ پالڻ لاءِ پنهنجا اجها ڇڏي، بئراجي علائقن ۾ ويندڙ خاندان گرمي توڙي سردي ۾ کليل آسمان هيٺان زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.

ٿر ۾ پوندڙ ڏڪارن بعد ماروئڙن جي نصيب ۾ رڳو سور، دربدري ۽ مشڪلاتون ئي لکيل آهن، جنهن سبب ڏڪار پوڻ بعد هرسال ماروئڙا نومبر ۽ ڊسمبر  واري مهيني کان لڏپلاڻ شروع ڪن ٿا، جيڪو لڏپلاڻ جيئن جو تئين جاري رهندي آهي، انهي سان گڏ ڊسمبر جنوري کان مالوندن جي لڏپلاڻ شروع ٿيندي آهي، جيڪو فيبروي کان مارچ تائين جاري رهندي آهي، غريب خاندان ۽ مالوند مسلسل پنج مهينا بئراجي علائقن ۾ رهندا آهن، جون ۽ جولاءِ وارن مهينن ۾ وسڪاري جي موسم ويجهي ڏسندي ئي ماروئڙا واپس پنهنجن اجهن ڏانهن رخ ڪندا آهن، مالوند مارو ويندي ايندي مال ڪاهي پنڌ واپس اچن ٿا، جنهن سبب ننگرپارڪر، اسلام ڪوٽ ۽ ڏيپلو سميت سڄي ٿر جي علائقن مان مالوند پنڌ نڪرندا آهن، جيڪو ڪنڌڪوٽ، سانگهڙ ۽ گهوٽڪي سميت مختلف شهرن تائين ٽي سئو کا چار چار سئو ڪلو ميٽر مال ڪاهي ڪندا آهن، جنهن سبب ماروئڙن جي زندگي رُلندي روزگار لاءِ دربدر ٿيندي نظر اچي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.