خيرپو ڀرسان ٽنڊومستي ٿاڻي جي حد ڪولاب جيئل شهر ۾ بجلي جي تار ڪرڻ سبب عمران ڪانڌڙو جي گهر کي باهه لڳڻ ڪري نينگري سوڌو 4 عورتون سڙي فوت ٿي ويون.
باهه لڳڻ ڪري گهر ۾ ويٺل مهمان عورتون مسمات نازل، مسمات نسيم ۽ 6 ورهين جي عذران سميت گهر ڌياڻي مسمات نويده سڙي فوت ٿي ويون.
ڄاڻ تي ريسڪيو عملي پهچي فوتين جا لاش کڻائي اسپتال پهچايا.
رهواسين جو چوڻ آهي ته باهه واقعي جي فوري طور فائر برگيڊ عملي کي ڄاڻ ڏني هئي، جڏهن ته عملو نه پهچڻ ڪري باهه گهر کي وڪوڙي وئي جنهن سبب نينگري سوڌو 4 عورتون سڙي فوت ٿي ويون آهن.
هوڏانهن واقعي جي ڄاڻ تي ڊپٽي ڪمشنر اسپتال پهچي فوتين جي وارثن سان تفصيل معلوم ڪيا