رپورٽ: خيرپور: ليبر ڪالوني جي رهواسين پاران بااثر عملدارن خلاف احتجاج

رپورٽ: خيرپور: ليبر ڪالوني جي رهواسين پاران بااثر عملدارن خلاف احتجاج
رپورٽ: خيرپور: ليبر ڪالوني جي رهواسين پاران بااثر عملدارن خلاف احتجاج

 

خيرپور ۾ ڦلپوٽا برادري جي ماڻهن پاران ليبر ڪالوني گهر تي پوليس چڙهائي بعد ڦرلٽ ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

نويدم بابر ۽ رسول بخش ڦلپوٽو پريس ڪلب ٻاهران انسپيڪٽر عنايت سومرو ۽ ايس ڊي او واپڊا انصار شيخ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته انسپيڪٽر عنايت سومرو ۽ ايس ڊي او واپڊا انصار شيخ اي سيڪشن پوليس جي مدد سان سندن ڪوارٽر تي ڇاپو هڻي گهر مان ڦرلٽ ڪرڻ بعد کين نيڪالي ڏئي ڇڏي

هنن چيو ته بااثر عملدارن بنا جواز سندن ڪوارٽر وڪرو ظلم ڪيو آهي، جن خلاف ايس ايس پي دانهن ڏيڻ باوجود اڃا تائين ڪو به کڙ تيل ناهي نڪتو.

احتجاج ڪندڙن گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري ڦريل رقم سان گڏ کين ڪوارٽر واپس ڏياري انصاف ڪيو وڃي…………………

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.