ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي ڀارت طرفان ڏنل آزادي واري درخواست رد

دي هيگ(ويب ڊيسڪ) انصاف واري عالمي عدالت ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي ڀارت طرفان ڏنل آزادي واري درخواست رد ڪري ڇڏي.

ڪلڀوشن ياديو بابت ڪيس جو فيصلو انصاف واري عالمي عدالت جي صدر جج عبدالقوي احمد يوسف پيس پيلس ۾ ٻڌايو.

جج عبدالقوي احمد يوسف ڪلڀوشن ياديو جي آزادي جي ڀارتي درخواست رد ڪندي موقف اختيار ڪيو ته پاڪستان طرفان ڪلڀوشن کي ڏني ويندڙ سزا کي ويانا ڪنونشن جي آرٽيڪل 36 جي ڀڃڪڙي تصور نٿو ڪري سگهجي.

انصاف واري عالمي عدالت ڪلڀوشن ياديو کي موت جي سزا جو پاڪستاني فوجي عدالت جو فيصلو رد ڪرڻ ۽ حوالگي واري ڀارتي اپيل به رد ڪري ڇڏي ۽ حسين مبارڪ پٽيل جي نالي سان ڪلڀوشن جي ٻئين پاسپورٽ کي به ڪوڙو قرار ڏنو.

جج عبدالقوي احمد يوسف جو چوڻ هو ته ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ڪلڀوشن ڀارتي شهري آهي، ڀارت ويانا ڪنونشن جي تحت ڪلڀوشن تائين قونصلر تائين پهچ گهري هئي جڏهن ته پاڪستان جو موقف هو ته ڪيس ۾ ويانا ڪنونشن لاڳو نٿو ٿئي ان ڪري ڪلڀوشن ياديو کي قونصلر تائين پهچ نٿي ڏئي سگهجي.

پر پاڪستان ۽ ڀارت ويانا ڪنونشن جي ڌر آهن ۽ ويانا ڪنونشن، جاسوسي ڪندڙ قيدين کي قونصلر تائين پهچ کان محروم ناهي ڪندو جڏهن ته پاڪستان ڪنونشن ۾ طئي ٿيل قونصلر تائين پهچ جي معاملن جو خيال ناهي رکيو، ان ڪري پاڪستان ڪلڀوشن ياديو کي قونصلر پهچ ڏئي پر هو پاڪستان جي تحويل ۾ ئي رهندو، جڏهن ته پاڪستان جي اختيارن واري دائري جي ٻڌڻي جي درخواست رد ڪئي وڃي ٿي.

انصاف واري عالمي عدالت پاڪستان مان ڪلڀوشن جي موت جي سزا جي فيصلي تي نظرثاني جو به مطالبو ڪيو.

ڪيس ۾ پاڪستان جي ايڊهاڪ جج جسٽس تصدق حسين جيلاني انصاف واري عالمي عدالت جي فيصلي تي اختلافي نوٽ لکيو، جنهن ۾ سندس چوڻ هو ته ويانا ڪنونشن جاسوسن تي لاڳو نٿو ٿئي، ان ڪري ڀارت کي قونصلر تائين پهچ جي درخواست ٻڌڻي نه ٿيڻ جوڳي قرار ڏني وڃي.

اٽارني جنرل انور منصور جي قيادت ۾ پاڪستاني ٽيم فيصلو ٻڌڻ نيدرلينڊجي شهر دي هيگ ۾ موجود هئي.

ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) سائوٿ ايشيئن ايسوسيئيشن فار ريجنل ڪو آپريشن (سارڪ) ۽ پرڏيهي کاتي جو ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل به پاڪستان وفد سان گڏ هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.