برسات جي پاڻي ۾ شهباز شريف جي ڪرپشن ترندي نظر آئي : صمصام بخاري

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي سُڌ سماءُ واري وزير  لاهور ۾ برسات جو پاڻي بيهي وڃڻ تي شهباز شريف تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ڪجهه برساتن لڳاتار 10 سالا ن ليگي حڪومت جا پول پڌرا کي ڇڏيا ۽ برسات جي پاڻي ۾ خادم اعليٰ جي ڪرپشن ترندي نظر آئي.

لاهور ۾ پارٽي ڪارڪنن سان ڳالهائيندي صمصام بخاري چيو ته برسات جي پاڻي ۾ شهباز شريف جي ڪرپشن ترندي نظر آئي، ڪارڪردگي وارن کي ٽٻيون ڏيندڙ عوام نظر ڇو نٿو اچي؟ لانگ بوٽ پائي فوٽو سيشن کانسواءِ خادم اعليٰ ڪجهه نه ڪيو.

هن چيو ته ڪجهه برساتن لڳاتار 10 سال ليگي حڪومت جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا، ميگا منصوبن ۽ ڪرپشن تان ڌيان هٽي ها ته ن ليگ حڪومت ڪجهه ڪري ها، عوام پڇي ٿو ته وڏن شهرن تي وڏا فنڊ ڪٿي خرچ ٿيا؟

سُڌ سماءُ واري وزير جو چوڻ هوته پيرس ٺاهڻ جي دعويٰ ڪندڙن لاهور کي وينس بڻائي ڇڏيو، 6 ڀيرا حڪومت ڪندڙن ڪڏهن لانگ ٽرم منصوباندي نه ڪئي، ڪاش ! شهباز شريف پنهنجن پٽن ۽ ناٺي کي هاڪاري ڪمن تي لڳايو هجي ها، شريف خاندان ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪري ها ته اڄ اهو حال نه هجي ها.

صمصام بخاري وڌيڪ چيو ته جنهن شعبي کي ڏسو شريفن جي ڪرپشن جو دستان بيان ڪري رهيو آهي، هاڻوڪي حڪومت هر شعبي ۾ سڌارا آڻڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.