لاهور ايئر پورٽ پکين جي هجوم سبب بند، اڏامون رولڙي جو شڪار

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور ايئرپورٽ تي پکين جو ڪڙڪي سبب سول ايوي ايشن انتظاميا کي ايئرپورٽ بند ڪرڻو پئجي ويو جنهن سبب اڏامون رولڙي جو شڪار ٿي ويون آهن.

سول ايوي ايشن اٿارٽي موجب لاهور ايئرپورٽ جي چوڌاري شادي هالن جي گهڻائي آهي جنهنڪري ايئرپورٽ تي پکين جو راڄ آهي، شادي هال جو عملو بچل کاڌو ٻاهر ۽ ڇتن تي اڇلائي ڇڏيندو آهي، پکي کاڌو کائڻ لاءِ ڄاڻايل شادي هالن مٿان لامارا ڏيندا رهندا آهن.

قومي ايئر لائن جي ترجمان ٻڌايو ته پکين جي موجودگي سبب اڏامون متاثر ٿيون، پيرس کان لاهور ويندڙ پي ڪي 734 سيالڪوٽ ۾ لاٿي وئي جڏهن مديني کان لاهور جي اڏام پي ڪي 3042 کي ملتان ۾ لاٿو ويو.

ترجمان موجب مسافرن ۽ جهازن جي حفاظت کي نظر ۾ رکندي اڏامون متبادل ايئرپورٽن تي لاٿيون، ڄاڻايل اڏامن کي متبادل ايئرپورٽن تي لاهڻ سبب اڏامون رولڙي جو شڪار ٿي ويون جن ۾ لاهور کان جده، ڪوپن هيگن ۽ اوسلو ويندڙ اڏامن جي روانگي ۾ دير ٿي آهي.

پي آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته ايئرپورٽ جي چوڌاري شادي هالن بابت ڪيئي دفعا ضلعي انتظاميا کي آگاهه ڪيو ويو آهي پر شڪايتن باوجود ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي وئي، اهڙي قسم جي واقعن سبب ڪو وڏو حادثو ٿي سگهي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.