جيڪو  اڄ ن ليگ سان پيو ٿئي اهو سڀاڻي ڪنهن سان ٿيندو….؟ وڏي خبر

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ ريلوي واري اڳوڻي وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته جيڪو ڪجهه اسان سان ٿي رهيو اهي اُهو ڪجهه مهينن کان پوءِ عمران خان سان به ٿيندو.

پيراگون هائوسنگ سوسائٽي ڪيس ۾ گرفتار خواجا سعد رفيق عدالت ۾ پيشي کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان نٿا چاهيون ته جيڪا زيادتي اسان سان ٿي آهي اُها عمران خان يا ان جي پارٽي سان ٿئي.

هن وڌيڪ چيو ته جيڪو ڪجهه اسان سان ٿي رهيو آهي، ڪجهه مهينن کان پوءِ اُهو عمران خان سان به ٿيندو.

خواجا سعد رفيق اِهو به چيو ته پلن جي هيٺان ڪافي پاڻي وهي چڪو آهي، پر گهڻو ڪجهه اڃان به هٿ ۾ آهي.

هن چيو ته مخالف ڌر کي رهڙون ڏيڻ بدران ميثاق جمهوريت ۽ ميثاق معيشت تي ڳالهه ڪئي وڃي ڇو ته جيڪڏهن وقت گذري ويو ته وڙهندڙ ڄاڻن ۽ مار کائڻ وارا ڄاڻن.

هڪ سوال جي جواب ۾ خواجا سعد رفيق جو چوڻ هو ته سينيٽ چيئرمين جي لاءِ حاصل بزنجو هڪ بهترين چونڊ آهي جڏهن ته سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا تي به ڪو اعتراض ناهي.

هن چيو ته سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي هڪ شريف انسان ضرور آهي پر هن وٽ ايوان ۾ اڪثريت ناهي.

پاڪستان ريلوي بابت ڳالهائيندي خواجا سعد رفيق جو چوڻ هو ته موجوده ريلوي واري وزير شيخ رشيد جي موجودگي ۾ ريلوي جو ڪو به مستقبل ناهي.

هن چيو ته مال بردار ٽرينن جي انگ ۾واڌ ناهي ڪئي وئي جيڪي  لڳ ڀڳ ريلوي کي 50 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ فائدو ڏئي سگهن ٿيون.

ٽرين حادثن بابت ڳالهائيندي خواجا سعد رفيق جو چوڻ هو ته حادثا ٿيڻ جو بنيادي سبب ٽرينن ٽريڪ تي آڻڻ آهي.

پنهنجي دور بابت هن چيو ته مون پنهنجي دور ۾ 28 سيڪڙو ڀاڙا گهٽ ڪيا پر شيخ رشيد ان کي هر هر وڌايو، تيل جون قيمتون وڌيون پر اسان ريلوي جا ڀاڙا گهٽ ڪيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.