ناميارو اديب حمايت علي شاعر لاڏاڻو ڪري ويو

ٽورنٽو ( ويب ڊيسڪ ) مشهور اديب حمايت علي شاعر ڊگهو عرصو بيمار رهڻ کانپوءِ دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو.

 

ميڊيا رپورٽن موجب حمايت علي شاعر ڪئناڊا جي شهر ٽورنٽو  93 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪيو،  جڏهن ته سندس تدفين به اتي ئي ٿيندي.

 

حمايت علي شاعر 14 جولائي تي 1926ع تي گڏيل هندستان جي شهر اورنگ آباد دکن ۾ پيدا ٿيو،  ورهاڱي کانپوءِ  هو پاڪستان هجرت ڪري آيو ۽  ڪراچي ۾ اچي رهيو.

 

هن سنڌ يونيورسٽي مان اردو ۾ ايم اي ڪئي ۽ اتان کان ئي پنهنجي ادبي سفر جي شروعات ڪئي. حمايت علي شاعر مختلف شعبن ۾ ڪم ڪيو جن ۾ تدريس، صحافت، ريڊيو، ٽيليويزن، فلم ۽ تحقيق شامل آهن.

 

ٽيليويزن تي سندس ڪيئي تحقيقي پروگرام پيش ڪيا ويا جن ۾ خوشبو ڪا سفر، عقيدت ڪا سفر، لب آزاد تمام گهڻو مشهور ٿيا.

 

هن ڪيترن ئي فلمن لاءِ گيت به لکيا جن تي کيس نگار ۽ مصور ايوارڊ سان نوازيو ويو، سندس فلمي نغمن جو مجموعو به ” تجهه ڪو معلوم نهين“ جي نالي سان شائع ٿي چڪو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.