عوامي مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ مخالفن کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي: خواجه آصف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ خواجه آصف چيو آهي ته معاشي بحران تان ڌيان هٽائڻ لاءِ شهباز شريف کي نشانو بڻايو پيو وڃي، اين آر او نه گهرنداسين. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته نواز شريف اڄ به قيد آهي پر مٿس ڪرپشن جو ڪو به الزام ناهي. هن چيو ته اسان پرويز مشرف جي دور ۾ به جيل ڀوڳيا، جيل ڀوڳڻ باوجود جيل ۾ آهيان ۽ ڏسو پرويز مشرف ڪٿي آهي؟  سندس چوڻ هو ته راڻا ثناءَ الله کي 2002ع ۽ 2003ع ۾ به بدترين تشدد جو نشانو بڻايو ويو. خواجه آصف چيو ته بدترين انتقامي ڪارروايون موجوده حڪومت جي سڃاڻپ ٿي چڪيون آهن. هن چيو ته ڪنهن به حڪومتي عهديدار عوامي مسئلن تي نه ڳالهايو آهي، عوامي مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ مخالفن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، راڻا ثناءَ الله خلاف هيروئن جو ڪيس کل جوڳو  آهي. سندس چوڻ هو ته راڻا ثناءَ الله ڇا 20 ڪلو وزن کڻي سگهي ٿو جو مٿس 20 ڪلو هيروئن جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. خواجه آصف چيو ته جج جي وڊيو تي سوال اٿاريا ويا آهن، جج هليو ويو پر نواز شريف اڃا به قيد آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.