کنڊ مان تيار ٿيندڙ ٻارن جي خوراڪ تي صحت واري عالمي اداري کي ڳڻتي

ڪوپن هيگن ( ويب ڊيسڪ ) گڏيل قومن جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪمرشل سطح تي تيار ٿيندڙ ٻارن جي خوراڪ ۾ حد کان وڌيڪ کنڊ شامل هوندي آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب گڏيل قومن جي رپورٽ ۾ نون ڄاول ٻارن جي خوراڪ کي بهتر بڻائڻ لاءِ گائيڊ لائنز پيش ڪئي وئي آهي.

صحت واري عالمي اداري ( ڊبليو ايڇ او ) نومبر 2007ع کان جنوري 2018ع دوران آسٽريا، بلغريا، اسرائيل ۽ هنگري جي 500 اسٽورن مان  8 هزار شين جو جائزو ورتو .

ڊبيلو ايڇ او جي يورپي شاخ جو چوڻ آهي ته غور هيٺ شين ۾ اڌ کان وڌيڪ ۾ 30 سيڪڙو ڪيلوريز رڳو کنڊ ۾ شامل هئي ۽ اٽڪل هڪ ڀاڱي ٽي شين ۾ کنڊ يا ٻيون مٺيون شيون وڌيون ويون هيون.

صحت واري عالمي اداري نشاندهي ڪئي ته ميون ۽ سبزين جهڙي خوراڪ ۾ فطري طور کنڊ شامل هوندي اهي جيڪا ننڍي عمر وارن ٻارن جي صحت لاءِ مناسب آهي پر ڪمرشل شين ۾ گهڻي مقدار ۾ کنڊ جي موجودگي ڳڻتي جوڳي آهي.

ڊبليو ايڇ او موجب کنڊ جي گهڻي مقدار ۾ استعمال سان وزن ۽ ڏندن جي مسئلن کي منهن ڏئي سگهجي ٿو.

صحت واري عالمي اداري يورپ بابت ريجنل ڊائريڪٽر سوزنيا جيڪب بيان جاري ڪندي چيو ته تازن ڄاول ٻارن ۽ ننڍي عمر وارن ٻارن کي سٺي خوراڪ جو ملڻ سندن بهتر واڌ ويجهه لاءِ نهايت ضروري آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جائزو ورتل خوراڪ ۾ 60 سيڪڙو شين تي ليبل لڳل هو ته ”هي 6 مهينن کان ننڍي عمر وارن ٻارن لاءِ آهي“  جيڪا ٻارن کي پهرين 6 مهينن ۾ رڳو ماءُ جي ٿڃ ڏيڻ واري صحت جي  عالمي اداري جي تجويز جي ابتڙ آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.