مريم نواز سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪيو آهي. ٽويٽر تي بيان جاري ڪندي مريم نواز چيو ته مان سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرن جي قيادت ڪنديس. هن چيو ته  مظاهرن دوران عوامي نمائندن کي سزا ڏيڻ لاءِ نظام ۾ گڙ ٻڙ ختم ڪرڻ لاءِ آواز اٿارينديس. سندس چوڻ هو ته احتجاج ۾ نواز شريف لاءِ انصاف، قانون جي بالادستي ۽ اظهار جي آزادي جو مطالبو ڪنديس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.