والاريل ڪشمير ۾ وڌيڪ هڪ ڀارتي اهلڪار آپگهات ڪري ڇڏيو

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي وڌيڪ هڪ اهلڪار پاڻ کي سرڪاري رائفل سان گولي هڻي حياتي جو انت آڻي ڇڏيو.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڄمون جي علائقي ۾ پيرا ملٽري فورس جي اهلڪار رام ڪمار سرڪاري رائفل سان پاڻ کي گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو.

 ڊي-37 سان واسطو رکندڙ اهلڪار کي اسپتال پهچايو ويو جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڏنو، جڏهن ته آپگهات جا سبب معلوم نه ٿي سگهيا آهن.

گذريل مهيني ڀارتي فوج جي هڪ ڪرنل روهت شرما ليا ضلعي ۾ پاڻ کي گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيوهو،  اهڙي ريت 26 مئي تي به بارا مولا ضلعي ۾ انجينيئرنگ ريجمنٽ-22 جي سپاهي تيروپتي رائو سرڪاري رائفل سان پاڻ کي گولي هڻي خودڪشي ڪري ڇڏي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.