رپورٽ:ڄامشورو: مطالبن جي مڃتا لاءِ مهراڻ يونيورسٽي ورڪرز ايسوسيئيشن جو احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: ڄامشورو: مطالبن جي مڃتا لاءِ مهراڻ يونيورسٽي ورڪرز ايسوسيئيشن جو احتجاج
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: ڄامشورو: مطالبن جي مڃتا لاءِ مهراڻ يونيورسٽي ورڪرز ايسوسيئيشن جو احتجاج

 

*هراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو جي ملازمن جا مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف مهراڻ يونيورسٽي ورڪرز ايسوسيئشن جي سڏ تي احتجاج ڪيو ويو .

 ملازمن  اشتياق حسين شاھ ,  غلام مرتضي’ سمون ,  قادر بخش برفت  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  يونيورسٽي جي مک  دروازي  کان اي سي ٽو تائين احتجاجي ريلي ڪڍي  اي سي ٽو ڌرڻو هنيو

ان موقعي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڪيترن ئي ڏينهن کان ملازمن جي صحت ڪارڊ، سپورٽنگ الائونس ، رهائشي ڪالوني ۽ ٻين جائز  مسئلا لاء احتجاج ڪري رهيا آهيون

 هنن چيو ته  يونيورسٽي انتظاميا پڻ اسان کي ٻه ڀيرا ڳالهين لاء گهرايو هو پر اتي به انتظاميا ملازمن جا مسئلا حل ڪرڻ بدران صرف پنهنجي مڃائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اسان ملازمن جي حقن  ڪڏهن به سوديبازي نه ڪنداسين

ملازمن مطالبو ڪيو آهي ته مهراڻ يونيورسٽي جي ملازمن جا مسئلا حل ڪيا وڃن ٻي صورت احتجاجي تحريڪ جاري رهندي………………………..

********

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.