رپورٽ:غوثپور: پي پي ايل گئس ڪمپني ۾ مقامي ماڻھن کي روزگار نه ڏيڻ خلاف احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: غوثپور: پي پي ايل گئس ڪمپني ۾ مقامي ماڻھن کي روزگار نه ڏيڻ خلاف احتجاج
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: غوثپور: پي پي ايل گئس ڪمپني ۾ مقامي ماڻھن کي روزگار نه ڏيڻ خلاف احتجاج

*غوثپور ۾  ڪنڌڪوٽ پي پي ايل گئيس ڪمپني ۾ مقامي ماڻھن کي نوڪريون ۽ رائلٽي نه  ڏيڻ خلاف  سنڌ يونائيٽيڊ يوٿ فرنٽ  ۽ ايس يو پي جي سڏ تي   احتجاج ڪيو ويو .

 ساڃاهه وندن   گھايل سنڌي، شاھنواز مرھيٽو ، احمد علي سبزوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته گئس ڪمپين مقامي ماڻهن کي روزگاري ڏيڻ ۾ مڪمل طور نظر انداز ڪري رهي آهي.

 هن چيو ته  چين ته سندن ٻنين مان گئس جا ڪيترائي کوهه نڪتا آهن پر کين ڪجهه به مليو آهي

 هنن چيو ته علائقي ۾ ڪي به ترقياتي ڪم نه ڪرايا ويا آهن جنهن ڪري علائقي واسي زندگي جي بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهن .

 هنن وفاقي سرڪار کان مطالبو ڪيو ته کين نوڪريون ڏئي علائقي ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو …………………..

*****

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.