رپورٽ:گمبٽ: قومي شاهراهه تي سر سبز پاڪستان جي عنوان هيٺ ريلي، ٻوٽن جي پوکي

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: گمبٽ: قومي شاهراهه تي سر سبز پاڪستان جي عنوان هيٺ ريلي، ٻوٽن جي پوکي
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: گمبٽ: قومي شاهراهه تي سر سبز پاڪستان جي عنوان هيٺ ريلي، ٻوٽن جي پوکي

گمبٽ ويجهو نيشنل موٽر وي تي پوليس بيٽ نمبر28 پاران سر سبز پاڪستان جي عنوان سان جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾  نجي اسڪول جي شاگردن ۽ استادن موٽر وي پوليس سان گڏ قومي شاهراهه تي  ٻوٽا لڳايا.

 ان موقعي تي ڊي ايس پي موٽر وي پوليس شوڪت علي ڀٽي، ايڊمن آفيسر ياسين جکراڻي،  سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي ڪو آرڊينيٽر بينظير ڀٽي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سر سبز پاڪستان جي عنوان هيٺ جاڳرتا ريلي ڪڍي وڻ لڳايا آهن.

هنن چيو ته سماج ۾ رهندڙ ھر فرد کي گھرجي ته چار وڻ لڳائي آلودگي کي گھٽائي پنهنجي ملڪ کي سرسبز بڻائي ته جيئن گرمي پڌ گھٽجي سگهي.

هنن چيو ته  جنهن ملڪ ۾ 25 سيڪڙو وڻ لڳل ھوندا آھن ان ملڪ جا ماڻهو صحتمند ھوندا آھن اسان ايندڙ نسل لاءِ وڻ لڳائي رھيا آھيون ته جيئن کين صحتمند ۽ بھتر ماحول ملي سگهي………..

رپورٽ-محمد علي اڄڻ

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.