ورلڊ ڪپ فاتح انگلينڊ جو آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ ۾ به ٽاپ پوزيشن قبضو

 

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) عالمي ڪپ ختم ٿيندي ئي ون ڊي ٽيمن ۽ رانديگرن جي نئين رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي، جنهن موجب چيمپيئن ٽيم انگلينڊ جو پهرين پوزيشن تي قبضو آهي.

آءِ سي سي جي تازي رينڪنگ موجب ورلڊ ڪپ جي فاتح انگلش ٽيم 125 پوائنٽن سان پهرين نمبر تي آهي، جڏهن ته ڀارت جو ٻيو ۽ نيوزيلينڊ جو ٽيون نمبر آهي.

آسٽريلوي ٽيم رينڪنگ ۾ چوٿين نمبر تي موجود آهي، جڏهن ته پاڪستاني ٽيم 97 پوائنٽن سان ڇهين نمبر موجود آهي.

بيٽسمينن ۾ ڀارتي ڪپتان ورات ڪوهليءَ جو پهرين پوزيشن تي قبضو برقرار آهي، جڏهن ته نوجوان پاڪستاني بيٽسمين بابر اعظم ٽئين نمبر تي پهچي ويو آهي.

بالرن ۾ ڀارت جو جسپريت بمرا ساڳي ريت پهرين نمبر تي آهي، جڏهن ته ٽاپ 10 بالرن ۾ ڪو به پاڪستاني جاءِ ناهي ٺاهي سگهيو.

آل رائونڊرن تي بنگلاديش جي شڪيب الحسن جو راڄ آهي ۽ ان فهرست ۾ پاڪستان جي عماد وسيم چوٿون نمبر ماڻيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.