ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اڪثر عورتون پنهنجي سانوري رنگ سبب ڪمليڪس ۾ وٺجي وينديون آهن، جڏهن ته سانوري رنگ جي اهميت پنهنجي جاءِ تي آهي ۽ سانورو رنگ به ڪشش جو سبب هوندو آهي، پر عورتون اهو چاهينديون آهن ته رنگ ڀورو به لڳي ۽ ٻين عورتن جيان خوبصورت توڙي حسين به لڳن، جنهن ڪري هو گهر ۾ ئي ويهي پنهنجي رنگ کي ڀورو ڪري سگهن ٿيون، ان لاءِ انهن کي ٿورڙي محنت ڪرڻي پوندي. مڪئي ۽ جَوَن جو اٽو هڪ جيتري وزن موجب کڻي ان ۾ اڌ ليمي جي رس ملائي لئي ٺاهجي ۽ ان لئي کي ڳچيءَ کان وٺي سڄي منهن تي ملجي، اڌ ڪلاڪ کانپوءِ نيم گرم پاڻي سان ان کي صاف ڪري وٺجي، اهو عمل سڄو هفتو ورجائڻ گهرجي، جڏهن اُس ۾ نڪرڻ سان رنگ سانورو ٿي وڃي ته داڳ پئجي وڃن ته انگور نپوڙي منهن تي ملڻ گهرجن ٿورڙي دير کانپوءِ چهرو خشڪ ٿيڻ تي پاڻي سان ڌوئجي.